چيلهه 2

چيلهه 2

چيلهه 2

چيلهه (Waist): جسم جي هڪ جاءِ، جنهن کي ڪمر به چوندا آهن. انساني جسم توڙي هر هڪ ساهه واري جي تنتي سرشتي جو مدار ’چيلهه‘ تي هوندو آهي. چيلهه کي ڪوبه نقصان پهچندو آهي ته هيٺيون ڌڙ مفلوج ۽ بيڪار ٿي ويـنـدو آهي. جيئن ته پٺيءَ جي ڪنڊي جو تعلق دل ۽ دماغ سان به هوندو آهي ته ان ڪري هن کي نقصان پهچڻ سان جسم ۾ ساهه جي آمد توڙي دماغي نظام به متاثر ٿي ويندو آهي.
’چيلهه ڀڃي ڇڏڻ‘ جو اصطلاح ڪنهن کي تمام گهڻو ڪمزور ۽ بيڪار ڪري ڇڏڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سست ۽ ڪامل ماڻهوءَ کي ’چيلهه ڀڳل‘ چون ۽ گهڻي وزن يا غمن وغيره جي ڪري پريشان ماڻهوءَ لاءِ چون پٽ جي موت سندس ’چيلهه چٻي‘ ڪري ڇڏي آهي.چيلهه جو سور (Lower Back Pain): چيلهه جي هڪ خاص رڳ (Sciatic Nerve)، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ڪُن رڳ‘ چئجي ٿو) جڏهن بندجي پوندي آهي ته ان جو سُور سڄيءَ رڳ ۾ محسوس ٿيندو آهي. اها رڳ ڄنگهه جي ڌُڏ کان شروع ٿي، پير تائين اچي ٿي. سُور سڄي ڄنگهه ۾ پير تائين محسوس ٿيندو آهي. انسان جي چيلهه ڪنڌ کان وٺي چيلهه جي آخري ڇيڙي تائين 33 هڏين جي ٺهيل آهي، جن کي مهرا (Vertebrac) چئبو آهي. انهن مهرن جي وچ ۾ هڪ شاهه رڳ ٿيندي آهي، جنهن کي مغزي ڏوري (Spinal Cord) چئبو آهي. ان مغزي ڏوري مان تنتون نڪري مختلف عضون ڏانهن وڃن ۽ انهن کي دماغي پيغام پهچائين ٿيون. مغزي ڏوري دماغ سان رابطي جو ڪم ڏيندي آهي. جيڪڏهن انسان جي جسم ۾ مهرا الڳ الڳ نه هجن ته ماڻهن جي چيلهه ۾ ڪا به لچڪ نه هجي ۽ صرف سڌا ٿي هلي سگهن، پر قدرت هنن مهرن (Vertebrae) کي هڪ خاص قسم جي رٻڙي ڊسڪ (Intervertebral disc) سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، جيئن ماڻهن جي چيلهه ۾ لچڪ هجي ۽ آرام سان هلي ڦري سگهي. چيلهه جو سور انهن سڀني بناوتن مان ڪنهن به هڪ جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ٿئي ٿو، جهڙوڪ: مهرن جي سوڄ (Spony Litis)، مغزي ڏوريءَ جي سوڄ (Myelopathy) يا وري تنتن جي سوڄ (Neuritis of Meuropathy)، تنتن تي بندش، رٻڙي چيز (Intervertebral) جو پنهنجي جڳهه کي ڇڏي وڃڻ يا وري ان تي سوڄ (Diskitib) جو ٿيڻ وغيره. چيلهه ۾ سور جو مکيه سبب شاهه تنت (Sciatic nerve) جو بند ٿي وڃڻ آهي. جڏهن رٻڙي چيز (Intervertebal disc) پنهنجي جاءِ تان ٿڙي وڃي شاهه تنت جي منڍي بند ڪندي آهي ۽ سور رڳ ۾ ڊوڙڻ لڳندو آهي. جڏهن رٻڙي چيز تي دٻاءُ پوندو آهي ته چيلهه ۾ سور پوندو آهي.
چيلهه ۾ سور جا سبب: وزن کڻندي چيلهه مان سٽ نڪري وڃڻ، ماڻهوءَ جو مٿان کان هيٺ ڪري پوڻ، ويهڻ بعد ڊگهو سفر ڪرڻ وغيره شامل آهن.
چيلهه جي سور جا علاج: ٻهراڙين ۾ عام طور تي هن بيماريءَ لاءِ ماڻهو ٽوڻا ڦيڻا يا ڏنڀ وغيره ڏيندا آهن، ڏنڀ جا ماڻهوءَ تي ناڪاري اثر پون ٿا ۽ سور به ختم نه ٿيندو آهي.
جديد ميڊيڪل سائنس اهو ثابت ڪيو آهي ته سڙڻ جي سور کان وڌيڪ ڪو سور نه هوندو آهي. ڏنڀ ڏيارڻ بعد مريض کان اصل بيماريءَ جو سور وسري ويندو آهي، پر ڏنڀ وارو سور رهجي ويندو آهي. ائين هيءَ بيماري وڌندي رهندي. ڪنهن حڪيم يا عطائي ڊاڪٽر کان مالش ڪرائبي يا زور ڏياربو ته بيماري وڌي ويندي ۽ نتيجي طور ڪُن رڳ جو سُور، ڄنگهن جي ساڻائي، ڪمزوري، پيشاب ۽ پائخاني تي بندش ٿيو پوي. جيڪڏهن مريض 12 کان 24 ڪلاڪن اندر ڊاڪٽر وٽ نه ويو ته هميشه لاءِ معذور ٿي ويندو. ڪن رڳ جو سور عام حالت ۾ ٿئي ته ان لاءِ مريض کي سڌو يا اونڌو صندل تي سمهڻ کپي ۽ ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ کپي. ڊاڪٽر جي چڪاس کان پوءِ هڪ خاص قسم جي ٽيسٽ مائيلوگرام (Myelogram) ڪرائبي آهي، جنهن ۾ انجيڪشن ذريعي چيلهه ۾ دوا داخل ڪري ايڪسري ڪڍيا ويندا آهن، جنهن مان خبر پوندي آهي ته رڳ ڪهڙي جاءِ تي ۽ ڪيتري بند آهي. جيڪڏهن بندش 50 فيصد کان وڌيڪ آهي ته جلدي آپريشن ڪري رڳ کي آزاد ڪبو ته سور لهي ويندو. جيڪڏهن 50 سيڪڙو کان بندش گهٽ آهي ته آرام ڪرڻ ۽ ڪجهه دوائون واپرائڻ سان بيماري ختم ٿي ويندي. هن بيماري لاءِ هڪ ٻي جديد ٽيسٽ به ٿيندي آهي، جنهن ۾ انجيڪشن نه لڳندي آهي. ان کي ايم. آر. آءِ اسڪين (M.R.I. Scan) اسڪين چئبو آهي، جنهن مان وسيع نموني خبر پوندي آهي. چيلهه جي سور کي معمولي نه سمجهڻ کپي ۽ پاڻ ساڙائڻ يا ڏنڀ ڏيارڻ بدران ڪنهن وڏي سـرڪـاري اسـپتـال جـي دمـاغي شعبـي جـي ڊاڪـٽـر (Neuro Surgeon) ۽ او. پي. ڊي ۾ لاڳاپيل ڊاڪٽر سان مشورو ڪري بيماريءَ کي وڌڻ کان روڪجي ۽ اهڙيءَ ريت ڄنگهن کي بچائجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو