چيلڪ

چيلڪ

چيلڪ

چيلڪ (گاھہ): هڪ قسم جو گاھہ آهي، جيڪو سنڌ جي ڪن علائقن ۾ عام جام ٿئي ٿو، جنهن کي ’جهل‘ بہ چوندا آهن. هيءُ ربيع جي مند ۾ ٿيندڙ فصل ۾ جام ٿيندو آهي. خاص ڪري ڪڻڪ جي فصل ۾ اُسري ٿو. هن جو ٻوٽو ٿيندو آهي ۽ اُن جا پن سنها سنها جام ٿيندا آهن. هن جـي ڀاڄـي تـمـام لـذيذ ٿيندي آهي.
چيلو (راند): چؤپڙ، شطرنج وغيرہ جهڙين راندين ۾ سارين (ڳوٽن) رکڻ جي هڪ خاني کي چيلو چئبو آهي. بيل گاڏيءَ جي ڦيٿن مان ٺهيل پيچري کي بہ هن ئي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو