چيما

چيما (ذات): چيما جٽن جو هڪ وڏو قبيلو آهي، جن جو مورث اعليٰ چيما چوهاڻ راجپوت هو، جنهن پرٿوي راڄ جي شھاب الدين محمد غوريءَ هٿان شڪست کانپوءِ، دهليءَ کان ڪانگڙا ۽ پوءِ امرتسر ڏانهن رُخ ڪيو. موجودہ قبيلي جو مورث اعليٰ ڍول هو. هڪ طاقتور ۽ متحد قبيلو آهي. سندن هڪ خاندان نگال بہ آهي. روايت آهي تہ امرتسر ۾ سندس پٽ علاؤالدين غوريءَ جي دؤر ۾ بياس نديءَ تي هڪ ڳوٺ جو بنياد رکيو. سندس پوٽو راڻا ڪنگ سڏرائيندو هو ۽ ڍول ان جي موجودہ قبيلن جو وڏو ڏاڏو هو. هي پنھنجي شادين ۾ برهمڻ جي جاءِ تي جوڳين کي سڏائيندا آهن. هنن مان ڪافي مسلمان ٿي چڪا آهن، پر قديم روايتن تي اڃا بہ عمل ڪندا آهن. هي طاقتور ۽ مستحڪم قبيلو آهي. سيالڪوٽ ۾ هن قبيلي جو تعداد سڀ کان وڌيڪ آهي پر گوجرانواله جي لڳ ڀڳ ٻائيتاليھہ ڳوٺن ۾ آباد آهن. هنن قبيلن جون روايتون قديم روايتن سان ملندڙ جلندڙ آهن. چيما ذات مان ڪيترا مشھور سياستدان ۽ صنعتڪار آهن ۽ پاڪستان جي پنجاب صوبي ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا.


لفظ چيماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو