چيني

چيني: هڪ قسم جي معدني پيداوار، جيڪا سنڌ جي جابلو ايراضيءَ مان کوٽي ڪڍندا آهن. اڇي رنگ تي ٻوريءَ واري مٽي، جيڪا ٿانون، سيرن، يا ٻئي سامان ٺاهڻ ۾ ڪم ايندي آهي. طبي لحاظ سان پڻ هن مٽي مان گهڻئي فائدا آهن، جيئن تہ هن کي ڪٽي سنهون ڪري، ڏندڻ سان ڏندن کي هڻجي تہ مهارن مان رت اچڻ بند ٿي ويندو. ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪري، سرمي سان ملائي اک ۾ وجهجي تہ ڦلي ۽ ڌنڌ کي فائدو ڪندو، هن کي ماکيءَ سان گڏي حب ٻڌي، ڦڦڙن مان ايندڙ رت کي بند ڪرائڻ لاءِ کارائبا آهن.


لفظ چينيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو