چين جو چنڊ (ڪتاب): مشھور اديب ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي هن ناول جو پهريون ڇاپو 1944ع ۾ عبرت ڪتابي سلسليوار/ اسلاميہ دارالاشاعت، حيدرآباد، ميرپورخاص طرفان شايع ٿيو، جڏهن تہ هن ناول جو ٻيو ڇاپو آگسٽ 2008ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻي در، شڪارپور طرفان ڇپجي منظر عام تي آيو آهي. هن ناول ۾ اعليٰ اخلاق ۽ اسلامي تعليمات جو ذڪر نهايت دلچسپ انداز ۽ سليس پيرايي ۾ ڪيل آهي. چئن رنگن جي پڪي ٽائيٽل سان 49 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 24 روپيا آهي.