چيهو: گاهه جو هڪ قسم، جيڪو مينهن جي اوائلي وسڪاري تي اُڀري ٿو. ان جي رس ۾ ڳاڙهو رنگ ٿئي. تنهن ڪري مال کائي ته ان جا چپ ڳاڙها ٿين ۽ پير اگھاڙا ڪري هلڻ سان ڳاڙها پير ٿين. هي گاهه هيٺاهين ريج واري زمين ۾ بيٺل پاڻيءَ جي پاسڙن کان ٿئي. ٿر ۾ هي گاهه هڏهرين، ٿلين، تراين، ٽوڀن وغيره ۾ ٿئي، جتي مينهن جو پاڻي بيهندو هجي. هن گاهه جا پن چپڙا، فوٽ کن اوچا. ڏانڊي جي چوٽيءَ کي ڦاڪرار سنگ ٿيندو اٿس. رڍون، ٻڪريون ۽ گڏهه وغيره هن گاهه کي جام کائيندو آهي. ’چيهي‘ جو استعمال ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ به ڪم آندو ويو آهي. جهڙوڪ:
کڙيون کھ ڀڪليون، چيهي پير رتاس. (عنات رضوي)
’چيهو‘ چُکيءَ ڪنڌئين، ٿيا گُڙنگ مٿي گُل. ((شاهه)
هي گاهه ڏهرن ۽ ٻنين جي وچ واري حصي ۾ ٿيندو آهي. هن جي پاڙ ۾ ننڍيون ڳنڍيون ٿينديون آهن. تنهنڪري وسڪاري کانپوءِ به هن جي پاڙ زنده هوندي آهي. جڏهن به برسات پوندي ته ٻين سڀني گاهن کان اڳ ۾ پن ڪڍي اڀرندو آهي، خاص ڪري ننڍو مال ٻڪري ۽ رڍ تمام شوق سان کائيندا آهن. سڪي وڃڻ کانپوءِ هن جي پاڙ جيڪا ڪاري رنگ تي ٿيندي آهي. جنهن کي موٺ چئجي ٿو، اها ڏاڍي خوشبودار هوندي آهي.