چيٽرجي، شرت چندر

چيٽرجي، شرت چندر

چيٽرجي شرت چندر

چيٽرجي، شرت چندر (Chatterji, Sharat Chandra): هندستان جي مشهور ناول نگار شرت چندر چيٽرجي 1876ع ڌاري هگليءَ ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو، جيتوڻيڪ خاندان جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر وارن جي مدد ڪندا هئا، پر سندن تنگدستي بدستور قائم رهي، جيڪا پوءِ هن جي لکڻين ۾ به نظر آئي. هن فائن آرٽس جي تعليم ورتي، پر شديد غربت سبب کيس تعليم ڇڏڻي پئي. هن وهم پرستيءَ ۽ سماجي ڦرلٽ کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو، شرت چندر جي پهرين ڪهاڻي ’مندير‘ شايع ٿي. سندس مشهور ڪتابن ۾: (1) Baradidi (1907)، (2) Bindur Chhele (1913)، (3) پرينيتا (1914ع)، (4) Biraj Bou (1914)، (5) Ramer Shumoti (1914)، (6) Palli Shomaj (1916)، (7) Arakhsanya (1916)، (8) ديوداس (ناول: 1917ع)، (8) Choritronin (1917)، (9) شريڪانت (چار حصا: 33-1917)، (10) دت (19-1917ع)، (11) Grihodaho (1919)، (12) Dena Paona (1923)، (13) Pather Dabi (1926)، (14) Sesprasna (1931) وغيره شامل آهن. ان کانسواءِ سندس ڪيترين ڪهاڻين ۽ ناولن تي فلمون به ٺاهيون ويون، خاص ڪري ’ديوداس‘ ۽ ’پرينيتا‘. شرت چندر چيٽرجي 1938ع ۾ ڪينسر سبب ڪلڪتي ۾ وفات ڪري ويو. شرٽ چندر جو سنڌي ادب ۽ اديبن تي وڏو اثر آهي. هري موٽواڻي ۽ ٻيا کانئس ڪافي متاثر هئا. نارائڻ ڀارتيءَ سندس زندگيءَ ۽ ادب تي ’شرت بابو‘ نالي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو