چيچڪو/ چيچڪا: گدامڙي، سِرنهن ۽ ٻٻر جي وڻ جي ٻج کي چيچڪو چئبو آهي. چيچڪا ڪچا رڌي کائبا آهن. ٻٻر جا چيچڪا، درياھہ جي ڪنارن سان ڇٽبا آهن تہ سانوڻيءَ/ آبڪلاڻيءَ جي مندر ۾ وڻڪار ۽ ٻيلن جي صورت اختيار ڪندا آهن. مشھور شاعر اُستاد بخاريءَ بہ ’چيچڪن‘ کي هن ريت ڳايو آهي:
چيائون تہ ٻيلا وڍيندا وتون ٿا،
چيم چيچڪن کي ڇٽيندا وتون ٿا.