چيچ مڱڻ ڪنهن کي ڏيان (راند): هيءَ راند اڪثر ڪري ڇوڪريون گهرن ۾ کيڏنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ننڍا ڇوڪرا به ساڻن گڏجي راند ڪندا آهن. هن راند ۾ ٻه ٽوليون هونديون آهن. هڪ ٽولي قطار ۾ زمين تي ويهندي آهي ۽ ٻي ٽولي وري ٿوري وٿيءَ تي قطار ۾ بيهندي آهي. هڪ ٽياڪڙ ڇوڪري کي امپاير کڻي چئجي، سا هڪ ٺڪريءَ جو ٽڪر هٿ ۾ جهلي يعني مُٺ ۾ لڪائي وڏي واڪ چوندي آهي ته ”چيچ مڱڻ ڪنهن کي ڏيان؟“ تنهن تي ويٺل سڀ ٻار يڪي آواز سان چوندا ”ڀائر بچني، مون کي ڏي“، يا ڪٿي ڪٿي چوندا ته ”جيئَن ڀائر، مون کي ڏي“. پوءِ اها ٽياڪڙ ڇوڪري بيٺل ڇوڪرين کي منجهائڻ لاءِ ويٺل ڇوڪرين جي مُٺين ۾ ٺڪريءَ ڏيڻ لاءِ هٿ وجهندي ويندي، ڄڻ ته هنن کي مُٺ ۾ ڏئي رهي آهي. مگر اهو سڄو ڪارنامو نهايت هوشياريءَ سان ڪندي ۽ ڪوڙ بدوڙ جو هٿ وجهندي ۽ ڏيندي ڪنهن کي به نه ۽ زور سان چوندي ويندي ته ”چيچ مڱڻ ڪنهن کي ڏيان“؟ ۽ ٻارن جي طرفان به ساڳيو جواب ملندو رهندس ته ”ڀائر بچني، مون کي ڏي“ آخر سامهون بيٺل ٻارن کي مغالطي ۾ وجهي ويٺل ٻارن مان ڪنهن نه ڪنهن ٻار کي اها ٺڪري مُٺ ۾ وجهي ويندي ۽ ڏسندڙ ٻارن مان ڪنهن کي به خبر نه پوندي ته ٺڪري ڪنهن جي مٺ ۾ وڌائين. آخر ٺڪري ڏيڻ بعد ويساهي ڏئي، زور سان چوندي آهي ته هاڻي چيچ مڱڻ اچي ڳولي ڏيو ته ڪنهن کي مليو آهي. اهو اعلان ٻڌي هڪ ٻار بيٺل ٽوليءَ مان نڪري سوچي سوچي ويٺل ٻارن مان ڪنهن جي مٿي تي اچي هٿ رکندو، جيڪڏهن هن ڪنهن اهڙي ٻار جي مٿي تي هٿ رکيو، جنهن وٽ سچ پچ اها ٺڪري هوندي ته اهو ٻار يعني ٺڪريءَ وارو کاتو ۽ ويٺل ٻار سان وڃي شامل ٿيندو. اهڙيءَ طرح راند هلندي رهندي ۽ ايستائين پيئي هلندي، جيستائين ڪا به هڪ ٽولي پنهنجا سڀ ميمبر کپائي پورا نه ڪندي. ان بعد وري ٻيءَ ٽوليءَ کي وارو ملندو. هيءَ راند ٻارن ۾ ڏاڍو چاهه پيدا ڪندي آهي ۽ ٿوري گهڻي جسماني ورزش سان گڏ سندن ذهني تربيت ٿيندي رهندي آهي. هو ڌيان ڏيڻ سکندا آهن، ڇو ته جيڪڏهن ڌيان نه ڏيندا ته کين اهو پتو نه پوندو ته چيچ مڱڻ ڪنهن کي مليو، ساڳيءَ طرح ٻارن جي منهن ڏانهن نهاري معلوم ڪندا ته اها شيءِ ڪهڙي ٻار وٽ ٿي سگهي ٿي. انهيءَ کوجنا سبب منجهن سڃاڻڻ جو ڳڻ به پيدا ٿو ٿئي، جيڪو اڳتي هلي زندگيءَ جي لاهين چاڙهين ۾ ڪم اچي ٿو.