چيڪارو

چيڪارو

چيڪارو

چيڪارو (ساز): هي ساز نهايت قديم آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته مهاتما گوتم ٻڌ جي جنم کان به اڳ وڄايو ويندو هو. ماهرن گوتم ٻڌ جي ڪهاڻين ۾ چيڪارو وڄائيندڙ مطربن جون تصويرون پٿر تي اُڪريل نروار ڪيون آهن. اڄڪلهه پوٺوهار جي واهڻن ۾ هن ساز کي گهُنگهرن وارن گزن سان وڄايو ويندو آهي. خاص طور بيت ۽ صدا ۾ هن جي سنگت ٻڌڻ وٽان آهي. هن کي ڪن هنڌن تي ’بيـلا‘ بـه چـون، روس جـي ايـشـيـائـي (هاڻي آزاد) رياستن، روسي ترڪستان وغيره ۾ اهڙي قسم جو ساز وڄايو وڃي ٿو، جنهن کي ڪمانچ چون ٿا، جنهن کي سنڌ ۾ ’ڪماچ‘ سڏيو ويندو آهي. ڪمانچو اصل ۾ ايراني ساز آهي، ڪمانچو ۽ چيڪارو هوبهو ساڳي صورت جا ساز نه آهن، چيڪاري جو طبلو يا کوکو عام طور ناريل جي کوپي جو ٿئي ٿو، جنهن تي وري کل چاڙهبي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اها ڪاٺ يا اليومينم جي ڪم آڻيندا آهن. هن ۾ ڪاٺ جي پوري ڏنڊي ½2 فوٽ کن ڊگهي ٿئي ۽ ان جي ٿولهه ½2 انچن جيتري آهي. هن ۾ چار تارون ٿين ٿيون، جي گهوڙي جي ستن اٺن وارن جي مچلي وانگر هونديون آهن ۽ ڳٽين ۾ ٻڌل ٿين ٿيون. اهي تارون ڏنڊي ۾ تنبي جي مٿان گهڻو ڪري ڪاٺ جي ’جواهري‘ تان گذاري، تنبي جي پويان ٺوڪيل لوهي ڪليءَ ۾ ٻڌل ٿين ٿيون. ڪن ۾ ڌاتو جون تارون به لڳائيندا آهن. گونج لاءِ انهن جي هيٺان طربون به ٿين ٿيون. هُن جي گنديءَ ۾ به گهوڙي جي پڇ جا وار ٿين ٿا. لوڪ ڪهاڻين ۾ به هن ساز جي سنگت ملي ٿي.
هي ساز ستار کان قدبت ۾ ننڍو ٿئي ٿو. ان ڪري هن کي مڌم ستار به چوندا آهن. هي ساز ممڪن آهي ته ستار جي ابتدائي صورت هجي. هن ۾ چار تارون ٿين، پهرين فولاد جي تار، ٻي پتل جي تار، جيڪا ’جوڙي‘ سڏبي آهي، ٽين فولادي تار ’پنچم‘ سڏبي آهي، چوٿين تار ٿلهي پتل جي هوندي آهي، ان کي گرام سڏين. آوازي کوکو ڪدوءَ بجاءِ ڪاٺ جو چوڪور نموني جو ٿئي ٿو. ڪلاسيڪي ستار وانگر هن جي ’باج‘ جي تار شڌ مڌم، جوڙيءَ جي تار کرج تي، پنچم جي تار پنچم تي ۽ گرام جي تارآس‘ تي ٻڌل هونديون آهن. هن جي ڏنڊي تي سرن جي جاين تي لوهه، پتل يا ڌاڳي جا پورا يا سندريون ٿين، جن کي اڳتي پوئتي ڪري ٺاٺ يا سرگرم ورتو ويندو آهي. هي ساز مضراب سان وڄندو آهي. هي ساز سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير ۾ به وڄي ٿو.


لفظ چيڪاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو