چيڪلي (راند): هيءَ راند ڇوڪرين جي آهي، ٻہ ٻہ ڇوڪريون پاڻ ۾ هٿ هٿ ۾ ڏيئي ، پير پيرن سان ملائي، ٻانهن جي وٿيءَ جيترو هڪ ٻئي کان هٽي ڦيري پائينديون آهن ۽ ڪي ٻول نهايت سھڻي انداز ۾ وڻندڙ آواز سان ڳائينديون رهنديون آهن. هن راند لاءِ بعضي تہ هڪڙي جوڙي وارو وٺي بس ڪندي، پوءِ ٻي جوڙي وارو وٺندي آهي، مگر ڪن حالتن ۾ جيتريون جوڙيون ڇوڪرين جون هونديون، اوتريون گڏجي هڪ ئي وقت راند ۾ مشغول رهنديون آهن ۽ هر هڪ جوڙي پنھنجي وات سان راند جا ٻول اچاريندي رهندي آهي. چيڪلي راند جا ٻول عام طور هي هوندا آهن:
ٻول 1: چيڪلي پايون پير گسايون،
پير ۾ ڪنڊو، صاحبلوڪ منڊو
ٻول 2: چيڪلي پايون پير گسايون،
پير ۾ ڪڙي لعل سوناري گهڙي
ٻول 3: چيڪلي پايون پير گسايون،
پير ۾ منڊي، ادل مڱيندي،
ڪٿي مڱيندي؟ شھر منڱيندي،
شھر جي مصري، ڳالھہ ويئي وسري.
هن ٽئين ٻول ۾ شھر مڱيندي لکيو ويو آهي. هونئن ان شھر لفظ جي جاءِ تي هر ٻار پنھنجي شھر يا پنھنجي ڀر واري ڳوٺ جو نالو وٺندو آهي.
چيڪلي پائيندي جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن ڇوڪريءَ جو هٿ ڇڏائجي ويو تہ اها کاتي ۽ ان کي راند ۾ ويهاري ڇڏبو آهي. اُن جي جاءِ وري ٻي ڇوڪري وٺندي آهي، جيڪڏهن انهيءَ جوڙيءَ سڀ ٻول چئي پورا ڪيا ۽ راند سلامتيءَ سان پوري ڪئي تہ پوءِ وري ٻي جوڙي وارو وٺندي آهي. اهڙيءَ طرح هيءَ راند ڪافي وقت تائين هلندي رهندي آهي. هن راند جي پهرين ٻول ۾ ’صاحبلوڪ‘ منڊو چيل آهي، هي ان دور جا ٻول جڙيل آهن. جڏهن اسان تي انگريزن جو راڄ هو. هنن ٻولن مان ڌارئين سامراج خلاف ٻارن جي نفرت جو اظهار ٿئي ٿو. هن راند جا ٻيا ٻول زيورن بابت ۽ گهرن جي وسائڻ جي سلسلي جا آهن.