چـيڻو 3

چـيڻو 3

چيڻو 3

چـيڻو 3 (چيڻو گاھہ : Hogmillet): هي هڪ گاھہ جو قسم آهي، جيڪو آڳاٽي وقت انساني خوراڪ لاءِ اناج واري فصل طور پوکيو ويندو هو. سنڌ ۾ عام ٿئي ٿو. هن گاھہ جو اصل گهر وچ ۽ اوڀر ايشيا رهيو آهي، چين ۾ هن جي پوک ويھہ صديون اڳ ڪئي ويندي هئي، چيڻو گاھہ خشڪ ۽ گرم علائقن جو فصل آهي، پر گهڻي قدر گرم، نيم گرم ۽ گهٽ ٿڌن علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو، برصغير ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ چيڻو گاھہ روايتي فصل طور اناج ۽ گاھہ لاءِ پوکيو وڃي ٿو. هن وقت هي فصل روس، چين ۽ انڊيا ۾ پوکيو وڃي ٿو. هن فصل کي پاڻيءَ جي ضرورت گهٽ پوي ٿي، تنهنڪري هي فصل خشڪ علائقن جھڙوڪ: ٿر ۽ ڪوهستان ۾ پوکي سگهجي ٿو.
پوکڻ جو وقت ۽ طريقو: هي خريف جو فصل آهي، جيڪو وچ اونهاري کان پاڇاٽي اونهاري تائين پوکي سگهجي ٿو، هي فصل اناج لاءِ ناڙي ذريعي هڪ انچ جي اونهائيءَ تي پوکيو وڃي ٿو، بعد ۾ سانهر گهمائي ٻج کي بند رکبو آهي. هي فصل ڇٽ ذريعي ٻج پوکڻ سبب جلدي وڌي ۽ اُسري ٿو، پر ان صورت ۾ جڏهن فصل گاھہ طور پوکيو وڃي. هي ٻوٽو سلا بہ وڌيڪ ڪڍي ٿو. هن گاھہ جون گهڻيون جنسون دنيا اندر پوکيون وڃن ٿيون، جن ۾ وائيٽ، فرينچ، ريڊ فرينچ ۽ ترگاهي وغيره، سنڌ ۾ لوڪل جنس عام پوکي وڃي ٿي، جيڪا گرمي ۽ خشڪي برداشت ڪري سگهي ٿي.
استعمال ۽ اهميت: هي فصل اناج، گاھہ ۽ جانورن جي چاري لاءِ ڪم اچي ٿو. دنيا جي اوڀر وارن ملڪن ۾ خوراڪ لاءِ ڪم اچي ٿو، جڏهن تہ کل لٿل داڻا سوپ ۽ پيٺو اٽو ماني پچائڻ لاءِ ڪم اچي ٿو، ڇو تہ ان ۾ نشاستا گهڻا ٿين ٿا، جڏهن تہ هن مان ماني، پاستا ۽ خميرو غذا تيار ڪئي وڃي ٿي، چيڻي جا ٻج انگورجڻ جي حالت ۾ سلاد ۽ سوپ لاءِ ڪم آڻجن ٿا، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ لحميات ۽ سڻڀ گهڻو ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو