
چَؤنرو
چَؤنرو (گهر): ڪکن، ڪانن مان ٺهيل گول گهر، جيڪو عام طور ٿر جي علائقي ۾ رهائش لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن اڏاوت ۾ ڪاٺ جو استعمال گهڻو ٿيندو آهي.
چـؤنرو اڳـي کـپ، ٻـوهـن ۽ سِڻ جـي گاھہ ۽ ٻـائـوريءَ، ڪـونڀٽن، اڪن، روهيڙن ۽ ٻين وڻن جي ٽارين سان ٺاهيو ويندو آهي. تر ۾ ڪچين سرن جي گول پيڙھہ ٺاهي اُن تي چؤنرو اڏيو ويندو آهي، نہ تہ گهڻو ڪري چؤنري جي پيڙھہ ڪاٺين جي جوڙي ويندي آهي. هن نالي سان ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري ۾ هڪ ديھہ بہ موجود آهي جنهن ۾ قاضي شمس الدين، حاجي قديرالدين، ياسين خان، خدا بخش راڄڙ ۽ پريو راڄڙ ڳوٺ شامل آهن.