چَرغيلو

چَرغيلو: باز پکيءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪو چرغ (مادي باز) جو نر آهي. هن پکيءَ جو پيٽ ۽ پٺي ڪاري ٿيندي آهي، هن جو رنگ اڇو ٿيندو آهي ۽ بت تي ڪارا ٽڪا ٿيندا آهن. هن جو مٿو پوئين پاسي ڪارو ٿئي. هن پکيءَ جي چهنب ٿلهي، نوڪدار ۽ وريل ٿيندي آهي. هن جي ماديءَ کي ”چرغ“ چئبو آهي، جنهن جون اکيون ڪاريون هونديون آهن. هن باز سان تلور ۽ هرڻ جو شڪار ڪبو آهي، ڪڏهن ڪڏهن هلن (سرڻين) تي بہ ڇڏبو آهي. هي پکي جابلو علائقي جي ڪچي ۾ ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو