چَري1: هڪ کان ڏيڍ فوٽ ويڪري، ٻن کان ساڍا ٽي فوٽ ڊگهي، 2 فوٽ کن اونهي کڏ جنهن ۾ ڪاٺيون وجهي باهه ٻاري مٿان ديڳ رکي رڌي ويندي آهي. وڏين شادين ۾ اها کڏ 50-40 فوٽ ڊيگهه واري به ٿئي، جنهن تي هڪ ئي وقت ڪيتريون ديڳيون رڌي سگهبيون آهن.
قديم آثارن جا ماهر به ان قسم جون 3x3 فوٽ يا 5x5 فوٽن جون ننڍيون چريون کوٽي، ماڳ يا دڙي مان وٿون هٿ ڪري مطالعي هيٺ آڻي، ماڳ يا دڙي جي دور يا زماني جو تعين ڪندا آهن. اين جي مجمدار به سنڌ جي ڪيترن دڙن تي اهڙيون چريون کوٽيون هيون. بلوچستان يا قبائلي علائقن ۾ اهڙيون چريون کڻي، اُنهن ۾ ٽانڊن تان ڏوهاري ماڻهن کي گذاري قسم کڻائيندا آهن. اهو جهالت جي دور جو طريقو آهي، جنهن جو ملڪ جي ڪورٽن سخت نوٽيس ورتو آهي.
عمارتن جي بنيادن رکڻ لاءِ به سڌي زمين تي نقشي جي رٿ موجب احاطي يا ڪمرن وغيره چريون/ کڏون کوٽي پيڙهه ٻڌبي آهي.
ٿر واري پاسي ٻنين جي ٻاهرين پاسن کان چري کوٽي، واڙ ڏيندا آهن، جيئن وسڪاري دوران ٻنين ۾ ڀَيل نه ٿي سگهي.