چـَرڪ (حڪيم): هي 460 ق.م جي زماني جو هاڪارو ويد ٿي گذريو آهي. رشي چرڪ، آتري رشيءَ جي ٻن شاگردن اگني ويش جي حڪمتي ڪتاب ندان انجن ۽ هاريت جي حڪمتي ڪتاب ’هاريت سنگھتا‘ جي مدد سان پنهنجي حڪمت جو ڪتاب چرڪ سنگھتا ترتيب ڏنو، جنهن ۾ اڳ وارن ٻنهي ڪتابن جا اخلاڪي مسئلا پڻ حل ڪيا. طب جي ميدان ۾ کيس اوتار جو رتبو مليل آهي. چرڪ، سشرت رشيءَ کانپوءِ ۽ واگهٽ رشيءَ کان اڳ جو علم حڪمت جو مدبر ٿي گذريو آهي. چرڪ سنگهتا علم حڪمت ۾ هڪ جامع طبي تصنيف هئي.
رشي ۽ ويد چرڪ جو اصل وطن ’پنجند‘ ڪشمير هو. هن علمي تربيت جامع ٽيڪسلا (ان وقت جي تڪس شالا) مان حاصل ڪئي هئي. هن هند سنڌ جي مختلف علائقن جو سير سفر پڻ ڪري حڪمت جو علم حاصل ڪيو هو. هو ڪيترن ورهين جي مسلسل تجربن ۽ مشاهدن کانپوءِ انهيءَ مرتبي تي رسيو، جيڪو سشرت رشيءَ کانپوءِ سندس ئي ورثو هو. رشي چـَرڪ اعليٰ ويڄ ۽ طبيب هئڻ سان گڏوگڏ جراحت جي فن ۾ پڻ مهارت رکندو هو. هن جي علاج ۽ جراحت واري فن کي علم حڪمت جي ميدان ۾ ڪنهن به ڪمال کان گھٽ نه ٿو ليکيو وڃي. سندس علم حڪمت جي ڪتاب چرڪ سنگھتا جو متن ’وديا ساگر‘ نالي 1896ع ۾ ۽ ’گمپت‘ نالي 1897ع ڌاري ٻن حڪمتي مجموعن جي صورت ۾ ترجمو ڪيا ويا. 1893ع ۾ ڪوي رتنا سندس ماخذ کي ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو هو.
چرڪ سنگھتا جي پهرئين باب ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته شين جو شمار پنجن عنصرن باهه، هوا، پاڻي، مٽي ۽ آڪاس (آسمان) سان گڏ روح، جسم ۽ زمان مڪان ۾ ٿئي ٿو. جن شين ۾ عضوا آهن، انهن کي جاندار قرار ڏئي ٿو ۽ جن شين ۾ اهي حسي عضوا نه آهن، تن کي غير جاندار ليکيو ويو آهي. هو پهريائين جاندار ۽ غير جاندارن کي شيون ڪوٺي ٿو. تنهنڪري سندس شمار اعليٰ ويد هئڻ سان گڏوگڏ سائنسدانن ۽ فيليسوفن ۾ پڻ ڪيو وڃي ٿو. مها رشي چرڪ خيال ڏنو ته نسن ۽ شريانن کان علاوه ڪي سروتون (رطوبتي ناڙيون) به آهن، جن سڀني کي ناڙيون ليکيو وڃي ٿو. هنن جا نالا سندن مختلف ڪمن جي بنياد تي رکيا ۽ رٿيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ڏهن ڌمنين (نسن) جي جڙ دل ۾ آهي، جنهن مان جنين (ڳڀ) تيار ٿئي ٿو. اهو جوهر جي ڳڀ جي تياريءَ کانپوءِ جيئن ئي ختم ٿئي ٿو ته زندگي خود بخود پوري ٿي وڃي ٿي. جوهر پراڻ (ساهه) جسم ۽ ان جي جاءِ جي پناهه آهي. اهي ڏهه ڌمنيون (نسون) جن جو دل سان تعلق آهي، ڪيترين ئي ننڍين وڏين شاخن وسيلي سموري جسم ۾ ڦهليل آهن. چرڪ جي لکت موجب سروتن/ناڙيون مان مراد اهي صحيح راهون آهن، جن ذريعي متوازي ۽ ارتقائي پيداوار جسم ۾ آمد رفت جاري رکي ٿي يا ڪي ٻين قسمن جون رطوبتون انهن مان گذرن ٿيون، جي پڇاڙيءَ ۾ وري وڃي پنهنجي هم جنس رطوبتن سان ملنديون آهن. چرڪ ۽ سشرت جو چوڻ آهي ته مختلف رسن (Juices) جو تاثير جسم جي مختلف بيمارين کي ختم ڪرڻ ۾ ڪم ڏيندو رهي ٿو. جيئن بيماريون گھڻو ڪري ڪن سببن جي ڪري پيدا ٿينديون رهن ٿيون. ان ڪري رس کي به انهيءَ ريت تقسيم ڪري علاج هيٺ آندو وڃي ٿو.