چَمار

چَمار

چَمار

چَمار: چمڙو رڱيندڙ ۽ چمڙي جو ڪم ڪندڙ کي چمار سڏيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ چمار موچي به سڏجن ٿا، ڇو ته اهي چم کي ڳنڍڻ ۽ ان مان جُتيون وغيره ٺاهڻ جو ڪم ڪندا آهن. چمار، سنڌ ۽ پنجاب سميت اتر- اولهه هندستان جي ڪجهه حصن ۾ به رهن ٿا. چمار سنسڪرت جي لفظ ’چرمڪرا‘ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ’هڏن جو ڪم ڪندڙ“. حالانڪه هڏواڙ سنڌ ۾ الڳ قبيلو آهي، پر اوڀر پنجاب ۾ چمار هڏن کان وڌيڪ چم جو ڪم ڪن ٿا. هنن جي اصل نسل بابت ڪيتريون روايتون ملن ٿيون. هڪ روايت موجب: چنو (Chano) ۽ بنو (Bano) ٻه ڀائر هئا. چنوءَ ڪنهن مئل ڳئونءَ جي کل پنهنجي هٿن سان لاٿي، تنهنڪري بنوءَ کيس پنهنجي ذات کان الڳ ڪري ڇڏيو. هي انهيءَ چنوءَ جا پونئير سڏيا وڃن ٿا ۽ مسلمان چمار موچي سڏبا آهن، جڏهن ته سک چمار ’رامداسيا‘ سڏجن ٿا. سرسا چمار ميگهوال سڏجن، جن کي ڍيڍ به چوندا آهن. ڍيڍن کي عام طرح گهٽ ذات وارا چمار چون. ميگهوال پاڻ کي ميگهه- رک (Megh- Rikh) جو اولاد سڏائين ٿا، جيڪي عقيدي موجب پاڻ کي نارائڻ جي تخليق سڏيندا آهن.
چمارن جون خاص هيٺيون ذاتيون آهن:
(1) جند/ جندوڙ: جندوڙ دهليءَ ۾ رهن ٿا، هنن لاءِ مشهور آهي ته هي بنارس کان بمبئيءَ آيا. ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هنن جي سنت ڪبير سان نسبت رهي آهي. حسار ۾ جند چمارن جي ڳوٽ (Goate) آهي. هي کلن لاهڻ جو ڪم نه ڪندا آهن، پر رڳو چمڙو رڱيندا آهن، ان ڪري کين چمرنگ به سڏين ٿا.
(2) رائداسي: هي ڀڳت راءِ داس جي نالي پويان پنهنجو پاڙو رائداسي سڏائين ٿا. هي چمار ڀڳت ڪبير جا پوئلڳ آهن، جنهنڪري رامائڻ سان گهڻو لڳاءُ رکن ٿا. رائداسي ڪرنال ۽ ان جي آس پاس رهن ٿا.
(3) جهائيا: جهائيا دهليءَ ۽ گڙگائون ۽ آسپاس جهجهي تعداد ۾ رهن ٿا. هي گهوڙن ۽ اٺن جا هڏا ميڙين ٿا. هي ’گائو برهمڻڪو‘ ڪم به ڪن، جنهنڪري ٻين چمارن کان کين مٿانهون ليکيندا آهن. هنن کي چمارا برهمڻ چيو وڃي ٿو.
(4) چمبڙ: چمبڙ به چمارن جي ڳوٽ (Goate) آهي، جيڪي لڌيانا ۽ جالنڌر ۾ آباد آهن. سنڌ جي شهر چمبڙ جو نالو، ان نسبت سان غور ۽ تحقيق طلب آهي.
(5) گوليا: گوليا چمارن جي سمورن ڳوٽن ۾ عام طور گهٽ ڪري ليکيا وڃن ٿا. هي اڪثر اوڀر پنجاب ۾ آباد آهن. جند چمار پنجن پاڙن ۾ ورهايل آهن: رامداسي، جاتيا، چمائو، پٽي ۽راءِ گر. پر اها ڳالهه واضح نٿي ٿئي ته اهي پاڙا ڌنڌي جي حساب سان آهن يا رهائش جي حساب سان. ناڀا جي لـکت مـوجـب: جـنـڊ چـمـارن جا چـار گروپ آهن: (1) چڪوار (Chacwar)، (2) جاتيا، (3) برهمڻيا، ۽ (4) چمائو (Chimau). چڪوار وري ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا اهي اصلي چڪوار آهن. جيڪي چمڙي جو ڪم ڪن ٿا، ۽ ٻيا بوناس، جيڪي کٿا ٺاهين ٿا، اهي سک آهن ۽ گُرُو گوبند سنگهه جا پوئلڳ آهن. بوناس چمار ڏکڻ - اوڀر هندستان ۾ رهن ٿا. ڪو به چڪوار چمار کين سڱ ڪونه ڏئي. جاتيا گهوڙن ۽ اٺن جا هڏا ميڙيندا آهن.
رامداسي چمار جڻيو پائيندا آهن ۽ بتن جي پوڄا مهل سنک وڄائيندا آهن. چمارن جون عورتون نڪ ۾ ڪو به زيور ڪونه پائينديون آهن، پر بوناس چمار عورتون شاديءَ کان پوءِ نڪ ۾ زيور پائينديون آهن. پر رنڙ زال ڪو به زيور نه پائيندي آهي. بوال جا چمار سوني بولي يا نڪ جو سونو زيور ڪونه پائين. چمار هر ڪنهن جي هٿ جو رڌل کاڌو کائين، پر خاڪروب يا ڀنگيءَ جي هٿ جو کاڌو ڪونه کائين. هو نير مان رڱيل ڪپڙو به استعمال ڪونه ڪن.
چمار راجپوتانا جي به ڪيترن حصن ۾رهن ٿا. بيڪانير ۾ هي بالائي (Balai) سڏبا آهن. هتي هي مذهبي اڳواڻي به ڪن ٿا. هي امن پسند شهري آهن. هنن جا 1150 پاڙا چيا وڃن ٿا، جن ۾ خاص اهوار (Aharwar) آهن، جيڪي الهه آباد ڊويزن ۾ رهن ٿا. ان کان سواءِ بريليءَ ۾ رهندڙ چمڪاتياس، ميرٺ ۽ بنارس ۾ رهندڙ ڌوسياس، الهه آباد ۽ آگري، روهيل کنڊ ۽ لکنو ۾ رهندڙ دوهر، اتواهه ۾ رهندڙ گولي (Gole) سڏائين ٿا.
چمارن جي پنهنجي هڪ منظم پئنچائت ٿئي ٿي. هر پاڙي جو وڏو ان پئنچائت جو ميمبر هوندو آهي. هر ڳوٺ جي وڏي کي ’پرڌان‘ يا ’جمعدار‘ چون. وڏن شهرن ۾ هڪ کان وڌيڪ پئنچائتون به ٿين، جيڪي سندس اڳواڻي ڪن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪن. چمارن ۾ ننڍي هوندي شاديءَ جو رجحان وڌيڪ آهي. سندن شاديءَ جا ڪي خاص مقرر قاعدا نه آهن. گهر جي وڏي کي اگوئا (Agua) سڏين. ڌُرين جي رضامنديءَ کان سواءِ سندن شادي ڪا نه ٿئي. هنن ۾ طلاق تي قطعي بندش پيل آهي. رنڙ کي ٻي شاديءَ جي اجازت آهي، پر هوءَ صرف مري ويل جي ننڍي ڀاءُ سان شادي ڪري سگهي ٿي. سنڌ ۾ به اها رسم ’ڏير وراڻيءَ‘ جي نالي سان موجود آهي. مري ويل شخص جي ملڪيت جو وارث شادي ڪندڙ ڀاءُ هوندو.
عام چمار مساڻن ۾ ساڙيا ويندا آهن. سندن رک ڪنهن درياهه جي حوالي ڪندا آهن. ٽئين ڏينهن تي تڏو کڻي مري ويل جي آتما کي شانتي ڏيڻ خاطر ماني ورهائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو