چَمان (مڇي): کاري جي مڇيءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن کي ’چمون‘ ۽ ’چام‘ بہ چوندا آهن. هن جو رنگ سرمائي ۽ پيٽ اڇيرڙو ٿئي ٿو. هن جي ڊيگهه هڪ فوٽ ٿيندي آهي ۽ تور ۾ اڌ سير ٿئي ٿي.