چَمچو
چَمچو: چمچو اسٽيل، ٽامي ۽ لوھہ مان ٺهيل هڪ اوزار آهي، جيڪو کاڌي کائڻ ۾ ڪتب اچي ٿو ۽ وڏو چمچو ڀاڄي ۽ چانور رڌڻ ۽ ونڊڻ جي ڪم ايندو آهي. ننڍو چمچو چانھہ، رٻ، آئيس ڪريم کائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. اصطلاحي معنيٰ ۾ ڪنهن جو آڳو پيڇو ڪرڻ، بيجا خوش آمد ڪرڻ واري شخص کي بہ ’چمچو‘ سڏيو ويندو آهي.