چَنڊال/ چنال

چَنڊال/ چنال: چنڊال ۽ چنال هڪ ذات آهي. سرجن، ميجر ڊبليو. آر. ڪانش لکي ٿو تہ شودر مرد ۽ برهمڻ عورت جي ميلاپ مان ٿيندڙ ٻار کي ’چنڊال‘ سڏيو ويو. اهي گهڻو ڪري شھر کان ٻاهر رهندا هئا. سڄو ٿانءُ استعمال نہ ڪندا هئا. هنن جي ملڪيت گڏھہ، ڪتو ۽ جهوپڙي هئي. هي ڪا مخصوص ذات ڪانهي. چنڊال لاڏائو ماڻهو آهن. چنال لفظ بہ چنڊال جي بگڙيل صورت آهي. هنن مان ڪي ڪنگرا ۽ مندي قبيلن سان تعلق رکندڙ ماڻهو، شملا پهاڙن جي ڪاڇي واري علائقي ۾ رهن ٿا. سنڌيءَ جو لفظ چنڊو بہ شايد چنڊال مان نڪتل ڀانئجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو