چَڪُئو (پکي): هيءُ هڪ قسم جو پکي آهي، جنهن جو شمار هنج پکيءَ جي خاندان ۾ ٿئي ٿو. هن جي چهنب ۽ پيرن جون آڱريون بدڪ جھڙيون ٿينديون آهن. پاڻيءَ ۾ به تري سگهندو آهي. صورت ۾ هنج پکي جھڙو ٿئي ٿو، ان ڪري هن کي ڳاڙهو هنج به چوندا آهن.