چڪ
چَڪُ 1: ڪاٺيءَ مان گول ٺهيل هڪ مخصوص چڪرو، جنهن تي ڪنڀار مٽيءَ مان مختلف صورتن جا ٿانو ٺاهيندو آهي. چڪ تي ڪنڀار مٽيءَ جو پنوڙو رکي ٿانو ٺاهيندو آهي. چڪ جا ٻه پڙ ٿيندا آهن. مٿيون پڙ ٿوٻيءَ يا وڏي چڪري جهڙو ٿيندو آهي. جنهن جي مٿئين پاسي وچ ۾ مَٽ جي گرڻ جهڙي مٽيءَ جي شيءِ چُهٽيل رهندي آهي. جنهن کي ’ڌيڻو‘ چوندا آهن. چڪ جو هيٺيون پڙ مٿئين پُڙ کان گهڻو ننڍو ٿئي ٿو ۽ اهو بلڪل جنڊ جي هيٺئين پُڙ جهڙو ٿيندو آهي. چڪ جي وچ ۾ ڪاٺ جي ڪلي کتل ٿئي ٿي، تنهن کي ’چُوڙ‘ چوندا آهن. مٿئين پڙ جي هيٺين پاسي، پُوري وچ ۾ هڪ ننڍڙي کڏ ٿئي ٿي، جنهن کي ’پاتڻي‘ چوندا آهن. اهو پڙ هيٺئين پڙ تي اهڙيءَ طرح رکندا آهن، جو چُوڙ وڃي پاتڻيءَ ۾ پوندي آهي. چڪ جي مٿئين پڙ ۾، پاسي تي سوراخ ٿئي ٿو. جنهن مان ڪنڀر ٿانءُ جوڙيندو آهي. چڪ ٻن ٽن قسمن جا ٿيندا آهن، جن ۾ فرق تمام ٿورو هوندو آهي. ڪڇي ۽ دکني جيڪو چڪ ڪم آڻيندا آهن، اُن جو مٿيون پڙ گاڏيءَ جي ڦيٿي جهڙو ٿيندو آهي. ان جي هيٺين پاسي به پاتڻي ٿئي ٿي، جا ’چوڙ‘ تي ڦري ٿي. اهي ماڻهو مٽيءَ يا ٺڪر جي ڌيڻيءَ بدران اڳڙين جي جڙيل سينهوڙي ڪم آڻيندا آهن، يا چڪ جي مٿان ڪٽيل چيڪي مٽي وجهي، ان تي مٽيءَ جو پنوڙو رکندا آهن.