چَـڪُ 2: زمين جي مخصوص ايراضيءَ (ديھہ کان ننڍي حصي) کي پنجاب ۾ ’چڪ‘ چيو ويندو آهي. خاص ڪري آبادي لائق اهڙي زمين، جيڪا درياھہ جي ڪپ تي هجي ۽ پئمائش جوڳي هجي تہ ان کي پنجاب ۾ چڪ چوندا آهن. سنڌ ۾ ارڙهين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ۾ انگريزن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هـلـندڙ ’حُـر تحـريـڪ‘ کي دٻائڻ لاءِ پنجابي فوجين توڙي غير فوجين کـي ســنـڌ ۾ آڻــي غيرآباد زمينن تي مالڪاڻا حق ڏئي آباد ڪيو. جيئن تہ پنجاب ۾ ’چڪ‘ جو اصطلاح عام رائج هو. ان ڪري سنڌ ۾ پنجاب کان آيل انهن ماڻهن نوان نوان ’چڪ‘ وجـود ۾ آنـدا، خـاص ڪـري ضـلـعـي ٿـرپارڪـر، بـديـن، گـولاڙچـي، سـکـر، شـڪـارپور، سانگهڙ ۽ نوابشاھہ وغيرہ ۾ ’چڪ‘ نالي سان ڪيترا ڳوٺ يا زمين جا انتظامي ايڪا آباد ڪيا ويا، جن جو سلسلو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بہ جاري آهي، جنهن جي نسبت سان هن وقت بہ سنڌ اندر غير سنڌين کي زمين جا ڪيترائي چڪ ڏنا ويا آهن.