چُلـهه

چُلـهه

چُلهه

چُلـهه: رڌ پـچـاءَ لاءِ بـاهه ٻـارڻ جي مـقـرر ٿيل جڳهه. ٻهراڙيءَ ۾ گهرن اندر مانيءَ يا ڀاڄيءَ پچائڻ لاءِ چلهه جو استعمال تمام آڳاٽو آهي. چلهه ڪٿي چوڪنڊي ۽ ڪٿي ٽڪنڊي ٺاهي ويندي آهي، جنهن جي وچ تي ٽي لوهي ڪليون يا مارنگ زمين ۾ کوڙي انهن مٿان رڌ پچاءَ وارو ٿانءُ رکندا آهن. مارنگ اڪثر مٽيءَ مان ٺاهيا ويندا آهن. چلهه ڪاٺين، ڇيڻن ۽ ڪکن جي باهه ذريعي مچائي ويندي آهي. چلهه تي پڪل کاڌو گئس جي نسبت سواد وارو تصور ڪيو ويندو آهي. چلهه کي سنڌ ۾ هڪ اهم ثقافتي عنصر جي حيثيت حاصل آهي، جتي هڪ گهر جا ڀاتي گڏ ويهي کاڌو کائيندا آهن. چلهه جي نسبت سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي محاورا رائج آهن، جيئن: ”جيڪو چُلهه تي، سو دل تي“ يا ”گهر جو پير، چلهه جو مارنگ“ وغيره.
چلهيون ڳوٺن اندر گهرن ۾ مستقل طرح ٺهيل هونديون آهن، جن کي وقت بوقت عورتون مٽيءَ جو ليپو ڏيئي مرمت ڪنديون آهن. اهڙي قسم جون چلهيون ڪٿي ڪٿي شهرن ۾ به استعمال ٿين ٿيون. ڪيترن گهرن ۾ چلهه جو ٽانڊو وسامڻ نه ڏيندا آهن، رڌپچاءَ کان پوءِ ٽانڊا رک سان پوري ڇڏيندا آهن ۽ صبح جو ٽانڊا صاف ڪري ڪک ڪڄهر وجهي ڦوڪ ڏئي باهه ٻاريندا آهن. هيءَ روايت شايد باهه جي پوڄا واري دور کان لاشعوري طور هلندي اچي ٿي. سئي گئس اچڻ بعد اڄڪلهه شهرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ گئس وارا چلها به استعمال ڪيا وڃن ٿا.


لفظ چُلههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو