چُلـهه

چُلـهه

چُلھہ

چُلـھہ: رڌ پـچـاءَ لاءِ بـاھہ ٻـارڻ جي مـقـرر ٿيل جڳھہ. ٻھراڙيءَ ۾ گهرن اندر مانيءَ يا ڀاڄيءَ پچائڻ لاءِ چلھہ جو استعمال تمام آڳاٽو آهي. چلھہ ڪٿي چوڪنڊي ۽ ڪٿي ٽڪنڊي ٺاهي ويندي آهي، جنهن جي وچ تي ٽي لوهي ڪليون يا مارنگ زمين ۾ کوڙي انهن مٿان رڌ پچاءَ وارو ٿانءُ رکندا آهن. مارنگ اڪثر مٽيءَ مان ٺاهيا ويندا آهن. چلھہ ڪاٺين، ڇيڻن ۽ ڪکن جي باھہ ذريعي مچائي ويندي آهي. چلھہ تي پڪل کاڌو گئس جي نسبت سواد وارو تصور ڪيو ويندو آهي. چلھہ کي سنڌ ۾ هڪ اهم ثقافتي عنصر جي حيثيت حاصل آهي، جتي هڪ گهر جا ڀاتي گڏ ويهي کاڌو کائيندا آهن. چلھہ جي نسبت سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي محاورا رائج آهن، جيئن: ”جيڪو چُلھہ تي، سو دل تي“ يا ”گهر جو پير، چلھہ جو مارنگ“ وغيرہ.
چلهيون ڳوٺن اندر گهرن ۾ مستقل طرح ٺهيل هونديون آهن، جن کي وقت بوقت عورتون مٽيءَ جو ليپو ڏيئي مرمت ڪنديون آهن. اهڙي قسم جون چلهيون ڪٿي ڪٿي شهرن ۾ بہ استعمال ٿين ٿيون. ڪيترن گهرن ۾ چلھہ جو ٽانڊو وسامڻ نہ ڏيندا آهن، رڌپچاءَ کان پوءِ ٽانڊا رک سان پوري ڇڏيندا آهن ۽ صبح جو ٽانڊا صاف ڪري ڪک ڪڄهر وجهي ڦوڪ ڏئي باھہ ٻاريندا آهن. هيءَ روايت شايد باھہ جي پوڄا واري دور کان لاشعوري طور هلندي اچي ٿي. سئي گئس اچڻ بعد اڄڪلھہ شهرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ گئس وارا چلها بہ استعمال ڪيا وڃن ٿا.


لفظ چُلھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو