چُن
چُن: چن قدرتي پٿر آهي، جنهن جو سائنسي نالو ڪاربونيٽ (Corbonate) آهي، جنهن ۾ اڪثر مٽي مليل هوندي آهي. سنگِ مرمر ۽ چاڪ به چن جا قسم آهن، جن ۾ ڪئلشيم ڪاربونيٽ کان سواءِ ٻيون شيون نه هونديون آهن. چن جو رنگ سفيد هوندو آهي. گاڏڙ چن جي پٿر ۾ ڪئلشيم ڪاربونيٽ کان سواءِ ٻيون شيون مٽي، واري ۽ لوهه جا ذرا پڻ مليل هوندا آهن. جنهن ڪري پٿر جا رنگ مختلف ٿيندا آهن. چن کي گرم ڪبو ته ڪئلشيم ڪاربونيٽ کان ڪاربونڪ ايسڊ خارج ٿيندو آهي ۽ رڳو ڪئلـشيـم آڪسـائيـڊ رهجي ويندا آهن. هن کي اڻ وسايل چن (Unslaked Lime) چئجي ٿو. هن قسم جي چن تي پاڻي وجھڻ سان اهو رجھڻ لڳندو آهي. جنهن مان گرمي خارج ٿيندي آهي ۽ پوءِ اٽو بڻجي ويندو آهي. ان صورت کي ڪئلشيم هائيڊروآڪسائيڊ چئجي ٿو.
چن جو پٿر جابلو کاڻين مان وڏن چَڪن (ٽڪرن) جي صورت ۾ ملندو آهي. اهي دراصل چمڪندڙ لسي مٽيءَ جون سخت پٽيون ٿينديون آهن. کاڻين مان ملندڙ چن ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪڙو ڊگهن تهن وارين پٽين جي صورت ۾ ۽ ٻيو تهن وارن پٿرن جي صورت ۾ پٿرن واري چمڪندڙ قسم جي چن ۾ مٽيءَ جو حصو وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ ان کي ساڙڻ سان چن حاصل ٿئي ٿو. ٻئي قسم جا پٿر وڏن وڏن ڳنڍن جي شڪل ۾ ٿين ٿا. سنڌ ۾ کاڻين مان چن جو پٿر ڪڍي، ان جي ٽڪرن کي ساڙي اڇي رنگ جا ڳنڍا ٺاهيندا آهن، جيڪي پاڻيءَ ۾ ڳري سگھندا آهن. چن کي حڪيم آني جي اڇاڻ سان ملائي وهندڙ رت واري هنڌ تي رت بيهارڻ لاءِ رکندا آهن. سرڪي ۾ ملائي پيشانيءَ تي رکڻ سان نڪهير جو رت بند ٿي ويندو آهي. ساون ڌاڻن (ڪوتمير) جي پاڻيءَ سان ملائي سوڄ ۽ سور واريءَ جاءِ تي رکبو آهي ته فائدو ڪندو آهي. چن کي پاڻيءَ ۾ پسائي زُلال وٺي، زلال ۾ ترن جو تيل ملائي باهه جي سڙيل عضوي تي بروقت رکڻ سان فائدو ٿيندو آهي.