
چُهنڊڙيون

چُهنڊڙيون
چُهنڊڙيون (ڪتاب): سنڌ جي برک مزاحيہ شاعر، مرحوم غلام رسول ’سودائي‘
جي مزاحيہ شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو آهي، جيڪو پهريون ڀيرو 1964ع ۾ ڇپيو هو، ان جو ٻيو ڇاپو مسلم ڪتب خانه، نيو چوڪ دادوءَ پاران 75-1974ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هن جديد مزاحيہ شاعر جا نظم شامل آهن، جن جا عنوان: مگر تون نہ آئين، ڪنوارن جي عيد، ويچارا عاشق، ڊڄين ڇو ٿو؟،
پرچون پاڻ ۾، دادو زور آ، عشق جي رفتار، ٿڪل عاشق، گذاري خير سان موليٰ، ديدار بازي، ڦرمار ڏس، زماني جو چڪر، خبر چار ڏي، اگر بند ٿي رشوت، ٻيو مڙئي خير آ، مانيءَ جو مريد وغيرہ آهن. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2007ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪرائون سائيز جي 80 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.