چُهڙا
چُهڙا (Chuhra): چُهڙا سنڌ توڙي پنجاب جي علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا، عام ماڻهو کين شودرن جي نيات چون ۽ سنڌ ۾ کين ٻالا يا ٻاليشاهي سڏين. هي جنهن علائقي ۾ رهندا آهن، اتان جي ٻولي ڳالهائيندا آهن. هنن مان جيڪي چمڙي جو ڪم ڪن، سي چمار سڏجن. چمار چمڙي رنڱڻ جو ڪم ڪندا آهن. ڪتاب Encyclopedia of Tribes and Castes of India ۾ چمارن کي الڳ ذات ڄاڻايو ويو آهي (ڏسو: چمار). ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ چُهڙن کي خاڪروب (Khakrob) سڏيندا آهن. ٻالن جي چڱي مُڙس کي مهتر (Mihter) سڏبو آهي، جنهن جو درجو چوڌريءَ وارو هوندو آهي. وچولي توڙي ڪاڇي ۾ مهترن کي ’سرائي‘ سڏين، پر چمڙي جي ڪم ڪندڙن کي ’ڊيڍ‘ چون. هن نيات مان جيڪي ماڻهو ڪپڙي جي صنعت سان وابسته آهن، تن کي ميگهه (Megh) چون. اڀرندي پنجاب ۾ ٻاليشاهين کي کاتڪ (Khatik) سڏين ۽ مال چارڻ وارن چهڙن کي ’هالي‘ (Hali) سڏين. کاتڪن جي هڪ شاخ بسور (Basur) سڏجي، جيڪي چهڙا مذهب مٽائي سِک يا مسلمان ٿيا، تن کي ’موصلي‘ چون. اهي چهڙن مان نه شادي ڪن، نه کين سڱ ڏين، پر ڪن هنڌن تي چهڙن کان ڇوڪرين وٺڻ جو رواج جاري آهي، ڪن هنڌن تي موصلين کي ديندار به سڏين. هنن جا چار پاڙا مشهور آهن: (1) ڏيـسـوالي (جيڪـي گـنـگـا جـي ميـدانـن جـا رهـاڪـو آهـن)، (2) سهـوتري (جيڪي ڪچي جي علائقن جا رهاڪو آهن)، (3) باگڙي (جيڪي ٿر يا رڻ پٽ جا رهاڪو آهن)، (4) جهنگلي (جيڪي ٻيلن جا رهاڪو آهن) چهڙن جا ٻيا به پاڙا آهن. مثلاً: بالميڪي ۽ لال بيگي. هي ٻئي پاڙا هڪٻئي کي ايترا ويجها آهن، جو انهن ۾ فرق محسوس نه ٿيندو آهي. هونئن چهڙن جا ڪيترا پاڙا، ذاتيون ۽ نکون آهن، جن ۾ بوهت (Bohat)، پنوار راجپوت (Panwar Rajput) اچي وڃن ٿا. ساروان، چوهاڻ سڏائين ٿا، جيڪي ستلج نديءَ جي ڏکڻ پاسي رهن ٿا، روهتڪ جا ‘لوهٽ چهڙا‘ به راجپوت ۽ سنجر داس جو اولاد سڏائيندا آهن. ڀيل ’پنوار‘ نُک جا چهڙا روهتڪ ۾ رهن ٿا. اهي به پاڻ کي راجپوت نسل مان سڏائيندا آهن. ’ڀيل پنوار‘ چهڙا گرونانڪ کي مڃين ٿا ۽ مڙدا پورين ٿا، شادين مرادين ۾ برهمڻن کي ڪو نه گهرائين، رسمون پنهنجي ئي ڪنهن ماڻهوءَ هٿان ادا ڪرائين ٿا.
پشـتـو ڳالهـائيـندڙ چـهـڙا اصـل ڪـابل جـا رهـاڪـو آهن، جيڪي اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ افغانستان کان هندستان ۾ فقيرن جي روپ ۾ آيا. اهي پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا، جن مان ڌڱاڻو وڏو هو، سندن هڪ نک سهوتري (Sohotre) به آهي. چون ٿا ته اڪبر جي دور ۾ هنن مان ڪنهن سان شينهن وڙهيو، پر کيس نقصان ڪونه رسايائين. ان ڪري ديري غازي خان جا چهڙا شينهن جي عزت پوڄا جي حد تائين ڪندا آهن. هنن جا ڪي پاڙا ليڊر (Ladder) ۽ کوکر Khokhar)) سڏجن. منٽگمري ۽ ديري غازي خان وارا کونجي (Khonji)، ڪيليان (Kalian)، راتي (Ratti)، ماٺي (Mathi)، برٽ (Burt)، موم (Mome) وغيره سڏائين. مومين (Momes) لاءِ روايت آهي ته اهي بالميڪي (Balmik) آهن، دَمَ (Dum)، چهڙا (Chuhra)، مراٺي، ماڇي، جهوار (Jhiwar) ۽ چانگڙ (Changer) ساڳي ذات سان واسطو رکن ٿا. سندن اها هڪجهڙائي رڳو پنجاب ۾ نظر اچي ٿي، پر ٻين ڏکڻ ايشيائي علائقن ۾ ائين نه آهي. چهڙن کي سنڌ جي ٿر ۽ اترين علائقن ۾ گهٽ ذات سمجهيو ويندو آهي. هندستان ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ هاڻوڪا چُهڙا ڇهين پيڙهيءَ ۾ بالميڪ جي اولاد مان آهن.
چهڙن جي پاڙي گِل (Gill) وارا کُنڀيون ڪو نه کائين، ليوٽ (Lute) سهو نه کائين، سهوتري (Sahotre) شينهن کي ويجهو نه وڃن. شاديءَ ۾ ڪنوار شينهن جي بُوتي جي پوڄا ڪندي آهي. بٺي يعني بٺي جون سرون پچائيندڙ سرن جي ٿلهي ۽ ڪاٺ جي تختي تي نه سمهن، نه ويهن. ’ساروان‘ چهڙا رڱيل ڪپڙا نه پائين. تڏن ۽ ڪکن سان گهر جي ڇت ڍڪين. باول (Bawal) چهڙا سونا زيور نه پائين. اُٺوال يا اوٺوال اُٺ کي پوڄين. سنڌوءَ جي ڪناري وارا مُهين (Mohen) چهڙا نير (Indico) کي پوڄين، جڏهن ته کوکر چهڙا ڪنهن به قسم جو ماس نه کائين. سڀئي چُهڙا سَها نه کائين.
سماجي طور هنن جو وڏو ’پير پئنچ‘ سڏجي، جيڪو پئنچائت مان چونڊبو آهي. پير پينچ جي غير موجودگيءَ ۾ سرپئنچ ۽ ان جي غير موجودگيءَ ۾ کرپئنچ ڪاروبار هلائيندو آهي. پير پنچَ عام فيصلا، شادين ۽ طلاقن جا معاملا، ڇيڙي ۽ نبيرين ڪن. سندن وڏي ۾ وڏي سزا ’حقو پاڻي بند‘ آهي.