چُوري/ ڪُٽي: چوريءَ مان مـراد اهـڙي خـوراڪ، جنهن ۾ سنهي ڏريل ’ڪڻڪ‘، کنڊ، ڳڙ، ڦوٽا، سچو گيهه وغيره پيل هجي. چُوري، چُورو ڪيل خوراڪ کي چئبو آهي سنڌ ۾ عورتون چوري ڏاڍي لذت واري ٺاهينديون آهن. چُوري سنڌي سماج ۾ گھڻي اهميت رکي ٿي. اُن جا اهميت جي حوالي سان ڪيترا نمونا ٿين ٿا، جهڙوڪ: پُٽ ڄمڻ جي چوري، وهانءَ رات ڪنواريتن پاران گھوٽ ۽ گھوٽيتن جي لاءِ چوري. بادشاهه پير جي چوري، اوليائن جي چوري، قلندر جي چوري، امامن جي چوري، سکا جي چوري وغيره. گھر جون عورتون گڏجي چوريءَ جو سڏ پوري راڄ جي عورتن کي ڏينديون آهن. راڄ جون نوجوان ڇوڪريون گڏجي، ويهن، گھر جي اڱڻ يا ورانڊي ۾ ويهي ٻه يا چار چلهيون دکائي، مانيون پچائين يا ڏريل ان سيڪين، پوءِ وڏي ٿالهه ۾ کنڊ، مصري، ڳڙ، سچو گيهه، شڪر، ميدو، ڦوٽا ملائي، مانيون اُکريءَ ۾ ڪٽي چوري ٺاهينديون آهن. اوليائن، پيرن جي چوري درگاهه تي ڳائي وڄائي ورهائي ويندي آهي. امامن جي چوري امام قاسم جي مينديءَ ۽ وهانءَ رات ڪئي ويندي آهي ۽ امام جعفر جي چوري به عقيدتمند ٺاهيندا آهن، خاص طور وهانءَ جي چُوري کائي هر ڪو ڄاڃي چُوريءَ عيوض روڪ رقم ڏيندو آهي، ان کي چوريءَ جي گھور ڪوٺيو وڃي ٿو، چوريءَ کي ڪُٽي به ڪوٺين.