چُوري/ ڪُٽي: چوريءَ مان مـراد اهـڙي خـوراڪ، جنهن ۾ سنهي ڏريل ’ڪڻڪ‘، کنڊ، ڳڙ، ڦوٽا، سچو گيھہ وغيرہ پيل هجي. چُوري، چُورو ڪيل خوراڪ کي چئبو آهي سنڌ ۾ عورتون چوري ڏاڍي لذت واري ٺاهينديون آهن. چُوري سنڌي سماج ۾ گهڻي اهميت رکي ٿي. اُن جا اهميت جي حوالي سان ڪيترا نمونا ٿين ٿا، جھڙوڪ: پُٽ ڄمڻ جي چوري، وهانءَ رات ڪنواريتن پاران گهوٽ ۽ گهوٽيتن جي لاءِ چوري. بادشاھہ پير جي چوري، اوليائن جي چوري، قلندر جي چوري، امامن جي چوري، سکا جي چوري وغيرہ. گهر جون عورتون گڏجي چوريءَ جو سڏ پوري راڄ جي عورتن کي ڏينديون آهن. راڄ جون نوجوان ڇوڪريون گڏجي، ويهن، گهر جي اڱڻ يا ورانڊي ۾ ويهي ٻہ يا چار چلهيون دکائي، مانيون پچائين يا ڏريل ان سيڪين، پوءِ وڏي ٿالھہ ۾ کنڊ، مصري، ڳڙ، سچو گيھہ، شڪر، ميدو، ڦوٽا ملائي، مانيون اُکريءَ ۾ ڪٽي چوري ٺاهينديون آهن. اوليائن، پيرن جي چوري درگاھہ تي ڳائي وڄائي ورهائي ويندي آهي. امامن جي چوري امام قاسم جي مينديءَ ۽ وهانءَ رات ڪئي ويندي آهي ۽ امام جعفر جي چوري بہ عقيدتمند ٺاهيندا آهن، خاص طور وهانءَ جي چُوري کائي هر ڪو ڄاڃي چُوريءَ عيوض روڪ رقم ڏيندو آهي، ان کي چوريءَ جي گهور ڪوٺيو وڃي ٿو، چوريءَ کي ڪُٽي بہ ڪوٺين.