چُونگها

چُونگها: هي ننڍڙو شھر تعلقي پني عاقل ۾ هندو راجپوتن جي وسنديءَ طور مشھور رهيو آهي. سنت وليرام بہ هن ڳوٺ جو هو، جنهن جو ذڪر ڪتاب ’سنڌ ۽ هند جا سنت‘ ۾ آيل آهي. هتي وليرام جي سماڌيءَ تي هر سال پهرين جنوريءَ تي ميلو لڳندو هو. ماضيءَ ۾ هڪ ڀيري سنت وليرام جي ورسيءَ جي موقعي تي مشھور ڌاڙيل خدو عالماڻيءَ ڀنگ خاطر اغوا جي واردات ڪئي هئي، جيڪا سنڌ ۾ ڀُنگ خاطر پهرئين اغوا جي واردات چئي وڃي ٿي. ان کان سواءِ هتي مشھور زميندار روچل داس کي قتل ڪيو ويو، جنهن جو پٽ مُکي راڌا رام ضلعي لوڪلبورڊ، سکر جو وائيس پريزيڊنٽ هو، ۽ هن علائقي ۾ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا هئائين. پني عاقل جي ٽن بس اسٽاپن مان هڪ جو نالو بہ چونگها اسٽاپ سڏجي ٿو. باغن کان مشھور هن شھر ۾ سيٺ نانو مل ۽ کٽڻ مل جون ٺهرايل شاندار ماڙيون اڄ بہ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو