چُوڙو/ چُوڙا
ٿر ۾ پهريا ويندڙ چُوڙا
ڪڇي عورت جو چُوڙو
جوڳي عورت جو چُوڙو
ٿر ۾ پهريا ويندڙ چُوڙا
چُوڙو/ چُوڙا: چوڙو سنڌ جي پراڻي تهذيب جو زيور آهي، جنهن کي ٺاهڻ جو هنر اڄ کان پنج، ڇهه هزار سال پهرين وجود ۾ آيل ڏسجي ٿو. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته موهن جي دڙي مان به چوڙا لڌا آهن ۽ انهن سان گڏ هڪ پتل جي پتلي به ملي آهي، جنهن جي هڪ ٻانهن ۾ ڪلهي کان ڪرائيءَ تائين چوڙا پيل آهن ۽ ٻيءَ ٻانهن ۾ رڳو ڪرائيءَ وٽ ٿورا چوڙا پيل آهن ۽ انهيءَ پتلي جا مختلف مــاڊل مـلـڪ جـي سـمـورن عجائب گهرن ۾ موجود آهن.
موهن جي دڙي مان لڌل شين جو ذڪر ڪندي ڪاڪو ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته، ”(هتان مليل) ڪن پتلين کي ٽُڪَ تي ٻانهين ڪُلهي تائين پيل ڏسجي ٿي، جنهن مان ظاهر آهي ته انهيءَ زماني ۾ چوڙيگر به موجود هئا.“ چوڙي جي هنر کي ايتري ئي اهميت آهي، جيتري سنڌ جي ٻين وڏن هنرن کي آهي۽ هنن هنرن جي ڪري سنڌ جون ڪاسبي ذاتيون ٺهيون آهن. جيئن: ڪنڀار، واڍا، لوهار، سونارا ۽ کٽي وغيره. انهيءَ لحاظ کان چوڙن ٺاهيندڙن جون به اصلي ذاتيون مٽجي ويون آهن ۽ اهي هاڻي اصل ذاتين جي بدران ’چوڙيگر‘ سڏجن ٿا. هن وقت هيءَ ذات برصغير جي پراڻين ذاتين مان هڪ آهي. نه رڳو ايترو پر سنڌ ۾ چوڙيءَ کي تاريخ سان گڏ جاگرافيائي حيثيت به حاصل آهي. جنهن جو ثبوت ننگرپارڪر تعلقي جو قديم شهر ’چُوڙيو‘ آهي، جتي آڳاٽي دور ۾ تمام گهڻا چوڙيگر رهندا هئا ۽ سندن ٺاهيل چوڙا ملڪان ملڪ مشهور هئا. جن جي پويان ئي انهيءَ شهر جو نالو ’چوڙيو‘ پئجي ويو. چوڙي جو ذڪر اسان جي قديم توڙي جديد شاعريءَ ۾ عام آهي، جنهن جو گهڻو حصو اسان جي لوڪ شاعريءَ ۾ ملي ٿو. جيئن هڪ ڳيچ ۾ آهي ته:
چوڙو چندن عاج جو، آڻج ننگر مان،
---
چوڙو آڻج عاج جو، ونهيان دودل ڙي،
---
چوڙليالي آ ري مِٺا، چوڙليالي آ،
امراڻي ري مارگئي، تون وهلو وري آ.
اهڙيءَ طرح لوڪ شاعريءَ جا گيت، ڳيچ، ڳاهون، ڳُوڙها ۽ ڳجهارتون وغيره اهڙن اهڃاڻن سان ڀريا پيا آهن، جن لاءِ لوڪ ادب جا ڪتاب ۽ سگهڙ شاهد آهن. جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سُر سهڻيءَ ۾ فرمايو آهي ته:
چوڙا ٻيڙا چڪ ۾، لڙهه ۾ لڙهيس وار
---
گهڙو ڀڳو گهوريو، مر چور ٿئي چوڙو
---
ڪراين ڪروڙ، جا چوڙا ڪوڙا جن.
جھڙي طرح ٽڪو، بولو، ڪڙڪون، ڪٺمال ۽ ڪڙيون وغيره مٿي نڪ ڪن ۽ پيرن جا ڳهه آهن. اهڙيءَ طرح چوڙو وري ٻانهن جو ڳهه آهي، جنهن سان سينگار ۾ اضافو ٿئي ٿو. ٻانَهن چوڙا جيئن ته عورت جي ٻانهن جو خاص زيور آهن، انهيءَ ڪري ٻانهن جي نسبت کان انهيءَ کي ’ٻانهين‘ به سڏيو ويندو آهي، جنهن جا عام طرح ٻه حصا آهن. جن مان ڪلهي کان ٺونٺ تائين پاتل چوڙن کي بند سڏبو آهي ۽ ٺونٺ کان ڪرائيءَ تائين پاتل چوڙن کي ’وهڙ‘ يا ’موهيڙ‘ چئبو آهي.
چوڙو عام طرح سهاڳڻين جو ڳهه آهي، سهاڳڻين کي لائون ڏيندي وڏڙيون چونديون آهن ته ’امڙ چوڙو ماڻ“. ڏهاڳڻيون چوڙو ڪونه پائين، جنهن لاءِ مختلف ذاتين جا مختلف رواج آهن. جيئن ڪن ذاتين ۾ مڙس مرڻ تي بيواهون هڪدم چوڙا لاهي، ڌاڳي ۾ ٻَڌي، گهر ۾ ٽنگي ڇڏين. اهڙيءَ طرح ڪن ذاتين ۾ وري اهو رواج آهي ته مڙس مرڻ تي سندن زالون چوڙا لاهي ڀڃي ڀورا ڪري اڇلي ڇڏينديون آهن.
ڪن هندو ذاتين ۾ مڙس جي مرڻ تي زالون سهاڳ جي نشاني چوڙو لاهي، ڏور ۾ ٻَڌي مڙس جي قبر تي ڇڏي اينديون آهن. ڪن اڇوت ذاتين جون عورتون مڙس جي مرڻ کان پوءِ ٻانهين يا کبع مڪمل طرح ڪونه پهرين، پر ان جو ڪو به حصو يعني بند يا موهڙ پهرين. پير صاحب پاڳاري جي مريد عورتن سندن مرشد جي حڪم تي چوڙا پهرڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيا آهن.
چوڙو جهڙيءَ طرح سنڌ جي هندن توڙي مسلمانن ۾ گڏوگڏ رائج رهيو آهي، اهڙي طرح اهو پرڻيل عورتن سان گڏ ڪنوارين ڇوڪرين وٽ به استعمال ۾ رهيو آهي ۽ سنڌ جون ڪيتريون ئي ذاتيون اهو مڪمل طرح استعمال ڪنديون پيون اچن.
چوڙو اڳوڻي دور ۾ مٽيءَ مان ٺاهيو ويندو هو. اهڙا ٺڪر جا چوڙا مُهين جي دڙي توڙي ٻين ماڳن تان مختلف نمونن، ٿولهه، ويڪر ۽ چِٽن سان مليا آهن. چوڙو ٺڪر کانپوءِ چندن جي ڪاٺ ۽ هاٿيءَ جي هڏي يعني عاج مان ٺهڻ لڳو، پر جڏهن ڌات جو دؤر آيو ۽ مختلف قسمن جا اوزار ٺهيا ۽ انساني ٽڪساٽ ۾ ترقي آئي. تڏهن چوڙو به مٽيءَ مان منهن مٽي اڳتي وڌيو ۽ ڪيتريون ئي منزلون طئه ڪندي آخر چندن جي ڪاٺي ۽ هاٿيءَ جي هڏي يعني عاج تائين پهتو. جن جو ذڪر اسان جي شاعريءَ ۾ عام ملي ٿو. جن مان هاٿيءَ جي ڏند وارو عاج سڀ کان مقبول ٿيو. هڪ طرف چندن ۽ عاج جي چوڙن کي اها مقبوليت حاصل ٿي ته ٻئي طرف اهي غريبن جي پهچ کان پري ٿي ويا. تنهنڪري چوڙيگر عاج ۽ چندن سان گڏوگڏ سستين شين مان به چوڙا ٺاهڻ شروع ڪيا، جيڪي اڄ تائين ٺهندا ۽ پهربا پيا وڃن.
سنڌ ۾ جن شين مان چوڙا ٺاهيا ويا، انهن ۾ گينڊو، ناريل ۽ لاک خاص آهن، جنهن کانپوءِ ٻاهران آيل شين جهڙوڪ: رٻڙ، پلاسٽڪ ۽ نائلون مان به چوڙا ٺاهيا ويا. چند سال اڳ عمرڪوٽ، ڇاڇري ۽ مٺيءَ ۾ اهڙا ڪاريگر به موجود هئا، جن جا لاک ۽ ناريل مان ٺاهيل چوڙا ڏسڻ وٽان هوندا هئا. چوڙن جا شوقين پري پري کان ڪهي اچي چوڙا وٺندا هئا. گينڊي، رٻڙ ۽ نائلون وغيره مان چوڙن ٺاهڻ وارا ڪاريگر اڄ به عمرڪوٽ، مٺي، ننگرپارڪر، ڇاڇري ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ موجود آهن، جيڪي هر وقت چوڙا چيربندي ڏسجن پيا ۽ چير جي لحاظ کان چوڙن جا جيڪي نمونا عام آهن. اهي ڇهه آهن:
(1) پٽي چير يا چٽا چير چوڙا: چوڙي جي چير جو هيءُ قسم اڌ انچ پٽيءَ جي ويڪر جو هوندو آهي ۽ اهو چوڙن جي چير جو پراڻو قسم آهي. هن قسم جا چوڙا شروع شروع ۾ هندو عورتون پائينديون هيون ۽ پوءِ مسلمان عورتن به پائڻ شروع ڪيا.
(2) ڪڙولي چير: هيءُ چوڙي جي چير جو اهو قسم آهي، جيڪو هڪ انچ جي چوٿين حصي جيتري پٽي تي مشتمل هوندو آهي، جنهن تي چِٽ به ڪڍي سگهبو آهي.
(3) ڪنگڻ چير: چوڙي جي چير جو هي قسم انچ جي ڇهين حصي جيترو هوندو آهي ۽ هن تي به چِٽ ڪڍبو آهي.
(4) ڪنگڻي چير: چوڙي جي چير جو هيءُ قسم انچ جي اٺين پتي جيترو ويڪرو ٿيندو آهي، جنهن تي گهڻو ڪري چٽ نه نڪرندو آهي.
(5) ڪنگي چير: هن قسم جو چوڙو وڏي ڪنگيءَ جي ڏنڊي جهڙو يعني انچ جي ٻارهين حصي جيترو ويڪرو هوندو آهي.
(6) موتي چير: چوڙي جي چير جو هيءُ نمونو سڀ کان سهڻو نمونو آهي، جيڪو انچ جي سورهين پتيءَ جيترو ويڪرو هوندو آهي، ۽ هن وقت چوڙي جي چير جو اهو نمونو سڀني چيرن کان وڌيڪ مقبول ۽ عام هلندڙ آهي.
چوڙن ٺاهڻ لاءِ واسطيدار شين کي ڳاري مختلف سانچن ۾ ڏاند پچا گلاس ٺاهبا آهن، جيڪي اڳ ته سنڌ ۾ ٺهندا هئا، پر هاڻي ڪجهه هتي ٺهن ٿا ۽ ڪجهه ٻاهران اچن ٿا، جيڪي چوڙيگرن جي حساب موجب پندرهين کان ايڪيهين نمبر تائين هوندا آهن.