چُوڙيگر (ذات): هڪ ذات جو نالو، حيدرآباد شھر ۾ چوڙيگرن جي گهٽي مشھور آهي، جنهن کي هن وقت ’ريشم گلي‘ چيو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ هتي عاج مان چمڙا ۽ چڪا نالي واريون مهرون بہ ٺهنديون هيون. تنهنڪري چوڙيگرن کي خاطربند بہ چوندا هئا. اڄ بہ حيدرآباد شھر ۾ چوڙيگرن واري گهٽي يا خاطو بندن جي بازار مشھور آهي. دراصل چوڙيگرن جو اصطلاح انهن ڪاريگرن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪي شيشي، لاک وغيرہ مان چوڙيون، ڪنڱڻ وغيرہ ٺاهيندا هئا.