چِلمچِي

چِلـمچِـي (Wash Stand): هي ٽامي پتل يا جست وغيرہ جو ٿانءُ هوندو آهي، جنهن ۾ هٿ يا منهن ڌوئڻ جو پاڻي گڏ ڪبو آهي. هي سنڌ ۾ روايتي طور اوطاقن تي استعمال ٿيندو آهي، جنهن ۾ مهمانن جا مانيءَ کان اڳ ۽ مانيءَ کان پوءِ هٿ ڌوئاريا ويندا آهن. بيمار ماڻهو بہ جڏهن اٿي ويهي نہ سگهندو آهي تہ ان کي بہ هٿ منهن چلمچيءَ ۾ ڌوئاريندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو