چِلي: اُٺ، گهوڙي ۽ گڏھہ تي بار کڻڻ لاءِ کٿي يا ڪپڙي جي خرزين وانگر ٺهيل ٻوجهي کي چِلي چئبو آهي. ان کان سواءِ اناج، گاھہ ۽ ٻئي بار جون بہ چليون ٺاهي بار کڻندا آهن ۽ ڪوشش ڪبي آهي تہ ان جا ٻئي پاسا وزن ۾ برابر هجن تہ جيئن اوهر نہ ٿئي. اڳئين وقت ۾ شادي مرادي جي موقعي تي ڀَت کڻڻ لاءِ اجرڪ يا کٿي جي چلي ٺاهي، ان ۾ ڀت ڀري، ڪنهن وهٽ، خاص ڪري ڍڳي تي کڻندا هئا.