چِليا

چِليا: چليا، سنڌ جو هڪ قديم شھر آهي، جيڪو ٺٽي شھر کان ڏھہ ڪلوميٽر اوڀر طرف سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ واري ٽڪريءَ تي ڪينجهر ڀرسان آباد آهي. هن شھر جي شروعاتي اڏاوت سنڌو درياھہ جي بلڪل ڪپ تي ’سُھڻي لَٺِ‘ واري ٽڪريءَ جي چؤ طرف هئي. چِليا جي آڳاٽي شھر جا اڄ بہ ڪيترا آثار موجود آهن، جن جو گهڻو حصو درياھہ جي پيٽ ۾ اچي ويو آهي. جڏهن درياھہ جو چاڙھہ لھي ويندو آهي تڏهن انهيءَ ٺڪراٺي مان سومرا دؤر ۽ مغليه دؤر جا سِڪا لڀندا آهن. هن ٺڪراٺي جي ڏکڻ واري حصي ۾ انگريزن جي دور جو هڪ ڊاڪ بنگلو ۽ اريگيشن کاتي وارن جا بنگلا ڦِٽل حالت ۾ موجود آهن. ٺڪراٺي جي اتر واري حصي ۾ اڌ ايڪڙ جي اوچي ٽڪريءَ تي هڪ ڊگهو ٻارهن فوٽن جو گهڙيل پٿر کُتل آهي. جنهن کي ’سُهڻيءَ جي لَٺ‘ سڏيو وڃي ٿو. آڳاٽي وقت ۾ چِليا وڏو پتڻ هو، جنهن جي سونهن لاءِ ٿلهو جوڙايو ويو هو. هن شھر جي اتر طرف هڪ وڏو ۽ قديم قبرستان آهي. ڪجهہ قبرون تمام ڊگهيون اٽڪل ٻارهن فوٽ بہ آهن. ڪن قبرن تي سيرانديءَ کان اٺن کان ڏهن فوٽن جا ڊگها پٿر کتل آهن. ڪن قبرن مٿان رکيل پٿرن تي مختلف نشان ۽ نقش اڪريل آهن. هن قبرستان ۾ مشھور شاعر ۽ درويش مورئي فقير جي بہ مزار آهي. جنهن تي ساليانو ميلو لڳندو آهي. سنڌ جي سورهيه ۽ غيرتمند ڪردار شھيد ليمي مهاڻي جي قبر بہ هن قبرستان ۾ آهي. هن شھر جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ شھر جي آثارن کان اتر طرف ۽ نيشنل هاءِ وي کان هڪ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ڪلهوڙن جي دؤر ۾ هيءُ شھر هڪ دفعو وري آباد ٿيو هو، جنهن جي ويجهو ئي ڪلري واھہ وهي ٿو. ورهاڱي کان اڳ ۾ هن شھر جي آبادي گهڻي هئي. هتي وڏي تعداد ۾ دڪان، جڳهيون، مسجدون ۽ مندر هئا، جن جا ڊٺل آثار اڄ بہ موجود آهن. هتي هڪ وڏي مساڻ جا آثار بہ ملن ٿا. هن هوادار ٽڪريءَ جي ڏکڻ اوڀر ۾ تفريخ خاطر هڪ باغ هوندو هو، جيڪو هن وقت بلڪل ختم ٿي چڪو آهي. موجودہ دور ۾ هن شھر جي آبادي 1000 کان مٿي ٿيندي. هتي هڪ پرائمري اسڪول، گرلس اسڪول، ضلعي ڪائونسل جي ڊسپينسري ۽ پوسٽ آفيس آهي. هتان ڊولومائيٽ پٿر ۽ جڳهين لاءِ تمام سٺي قسم جو پٿر نڪري ٿو. هتي جي رهندڙ ماڻهن جو گهڻو گذر بہ پٿرن ڪڍڻ ۽ مڇيءَ جي پالنا تي آهي. چِليا جي اتر اولھہ طرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي کوهي ڍنڍ آهي، جيڪا سورهن چورس ڪلوميٽر پکيڙ ۾ آهي. هن ڍنڍ ۾ پکي، مڇي، پٻڻ، لوڙھہ وغيرہ جام ٿئي، جڏهن تہ هتان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سنڌ جي مشھور ڪينجهر ڍنڍ آهي، جنهن جي آسپاس ميربحر، ماڇي، سما، سيد، شورا، جاکرا، عباسي، بروهي، چوهاڻ، درس، جوڳي، ڪلهوڙا، ڀنڀرا، هيجب، ڀٽي ۽ چليا ذاتين جا ماڻهو آباد آهن. هتان نڪرندڙ پٿرن مان مختلف شيون ٺاهيون وينديون آهن. هن شھر کي ڍنڍون ويجهيون هئڻ جي ڪري. هتي پنِ ۽ ڏِير گهڻي ٿئي ٿي. جنهن مان تڏا ۽ تؤنريون ٺاهيون وينديون آهن. هتي مڇي بہ جام ٿئي ٿي. چليا جو ڏنڀروڪافي مشھور آهي.


لفظ چِلياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو