چِمنِي
چِمنِي1: سرن پچائڻ جي هڪ خاص قسم جي بٺي، جنهن ۾ دونهين ڪڍڻ لاءِ اوچو تودو ٺاهيو ويندو آهي. ڪارخانن ۾ به دونهين جي نيڪال لاءِ بٺي وارين چمنين جي نموني جهڙيون چمنيون ٺهيل هوندون آهن، اهو ئي سبب آهي، جو گذريل زماني ۾ گھڻن ڪارخانن وارن شهرن کي چوندا ئي ’چمينين جو شهر‘ هئا.