چِيرو (ڪپڙي جو قسم): چيرو ڪپڙي جو هڪ رڱيل قسم آهي. گهڻو ڪري جوڌپوري طرز تي ٻڌل وڏي رنگين پٽڪي کي ’چيرو‘ چوندا آهن. آڳاٽي دور ۾ سما ۽ سومرا ’چيرو‘ ٻڌندا هئا. هن وقت بہ ٿر ۾ ’چيري‘ ٻڌڻ جو رواج آهي.