چِيڪلو

چِيڪلو

چِيڪلو

چِيڪلو (راند): هيءُ هڪ قسم جي راند آهي، جنهن کي سنڌ ۾چِيڪلي راند چوندا آهن. چيڪلي ٺاهڻ لاءِ ٻن ڪاٺين جي ضرورت پوندي آهي. هڪ ٿلهيري ڪاٺي زمين ۾ سڌي (مُني وانگر) کوڙي ويندي آهي، جيڪا زمين کان اڍائي ٽي فوٽ مٿي هوندي آهي. ان جو مٿيون پاسو لسو ۽ نوڪدار ٺاهيو ويندو آهي. ٻي ڪاٺي 6 کان 7 فوٽ ڊگهي هٿ ڪري، ان جي بلڪل وچ واري حصي کي کانچو (سوراخ ٺاهيو ويندو آهي) جيڪو نوڪدار پاسي جي سائيز مطابق ٺاهبو آهي ۽ ڪاٺيءَ کي نوڪدار حصي تي رکيو ويندو آهي.
هن راند ۾ ٻہ ٻار هڪ ڪاٺيءَ جي هڪ پاسي، ٻيو ٻئي پاسي ويهندو آهي ۽ ڪاٺيءَ کي نوڪ تي رکي، گول گهمايو ويندو آهي. سنڌ ۾ روايت آهي تہ مالوند ماڻهن ۾ هڪ ٽوٽڪو مروج آهي. جڏهن مال ۾ ’ساماڙي‘ جي بيماري ٿيندي آهي تہ مال جي وٿاڻ ۾ چيڪلو ٺاهيندا آهن ۽ ٻارن کي چوندا آهن تہ چيڪلي ۾ تيل ۽ آڱر وجهي ڦيرايو تہ جيئن مال مان ساماڙي جي بيماري ختم ٿئي. چيڪلو ٻھراڙيءَ ۾ ڌنار ۽ ٻار اڪثر راند لاءِ ٺاهيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو