چِيگم

چِيگم

چِيگم

چِيگم (Chewing Gum): هڪ نرم ٽافي، جيڪا چٻاڙي تہ سگهجي ٿي، پر ڳيهي نہ ٿي سگهجي، هن جو بنيادي جزو وچ آمريڪا جي ’Achras Zapota‘ وڻ جي کير جهڙي رس آهي، ان کانسواءِ ڦودنو ۽ کنڊ ان هن ۾ شامل ڪئي ويندي آهي. ببل گم بہ هن جو ئي هڪ قسم آهي، جنهن جا ڦوڪڻا ٺاهڻ
ممڪن هوندا آهن. هڪ اندازي موجب سال ۾ هر آمريڪي 300 چيوگم چٻاڙين ٿا. 1860ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ڊاڪٽرن پنھنجي مريضن کي چيوگم نہ کائڻ جي نصيحت ڪئي هئي، ڇو تہ سندن خيال ۾ ان ڪري آنڊا پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃن ٿا. وارن کي چيوگم لڳڻ کانپوءِ لاهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو