چِيڻو 1: اناج جو هڪ قسم، جيڪو ڏٿ طور ڪم ايندو آهي. چِيڻي جا داڻا ٻاجهريءَ جي داڻن کان ڪجهہ وڏا، سفيدي مائل ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن. چِيڻو پيهي، اٽو ڪري ماني پچائبي آهي، يا اُن جو ڀت رڌبو آهي. چيڻي جي ماني هلڪي غذا آهي. چيڻو طبي لحاظ سان اندرين پردن ۽ آنڊن جي رطـوبـت کـي خـشـڪ ڪـري ٿـو ۽ پيـشـاب جـاري ڪــري ٿـو. صـفـرا جي دسـتن کي بـنـد ڪـري ٿـو. ڪچي بلغم کي پچـائي ڪـڍي ٿو. لـُوڻ سان گڏي ڪوسو ڪري سور ۽ سوڄ جي جاءِ تي ٽاڪور ڪرڻ سان سور ۽ سوڄ لھي ويندا آهن.
چيڻو خاص قسم جو ڏٿ آهي، تنهنڪري ان کي پوکڻ توڙي لوب وقت چيڻو گيت ڳائبو آهي ۽ ان وقت جشن جو سمان ٿيندو آهي.