چِٽَ: بڊي مهيني ۾ کيري پچڻ جا ڏينهن، جيڪي گهڻا گرم ۽ گهُٽ وارا ٿيندا آهن. بڊي جي چٽ جو مدو چاليھہ ڏينهن ٿيندو آهي. بڊي جو سڄو مهينو ۽ اسوءَ جا پهريان ڏھہ ڏينهن، جملي چاليھہ ڏينهن ’چِٽ جا ڏينهن‘ ليکبا آهن. هن عرصي دوران جوئر ۽ ٻين فصلن جو اَن پچي راس ٿيندو آهي. ٻھراڙيءَ جا هاري چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪانهن جي ٻوڙي تي ڪاري ڪڻڇي ويهي ۽ ڪانهن جو ٻوٽو ان جو بار جهلي وڃي تہ ان کي ’چٽ‘ جي پوري ٿيڻ جي نشاني سمجهندا آهن. سنڌ ۾ اڄ بہ مشھور آهي تہ: ”چٽ نہ ڪنهن جي مِٽ“. چٽ کي چئن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي: (1) ڪنگوءَ ۽ لئي ۾ڳاڙهو ٻور ايندو آهي تہ ان کي چِٽ جي ابتدا سمجهيو ويندو آهي، (2) ڪانهن جو ڪانو نسرندو آهي، تہ چٽ جو وچ سمجهيو ويندو آهي، (3) جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي نيسر وارو وقت چٽ جي جواني هوندي آهي، (4)سَرَ جي ڪاني جي نڪرڻ واري وقت موسم سخت گرم ٿيندي آهي.