
چِچِي
چِچِي (Small House Lizerd): چچي/ ڪِرڙي ريڙهيون پائيندڙ جاندار آهي، جنهن کي ’سانڊي‘ بہ چئبو آهي. هي Hemidactylus frenatus فئمليءَ جو جاندار آهي. چچي، پاڪستان، هندستان، لنڪا ۽ آفريڪا ۾ ملي ٿي. هيءَ زمين، گهرن جي ڀتين ۽ ڇتين ۽ وڻن تي ڏٺي وڃي ٿي. هن جو مٿو ڌڙ جي ڀيٽ ۾ ننڍو ٿئي ٿو ۽ اُن جي مٿي تي ٻہ اکيون هونديون آهن، جن جي پٺيان ڪنن جا سوراخ ٿيندا آهن. چچيءَ جو وات ويڪرو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ننڍا نوڪدار ڏند ۽ هڪ ڊگهي زبان ٿيندي آهي. هوءَ شڪار کي هڪدم زبان سان جهٽ هڻي، پڪڙي وٺندي آهي. چچيءَ کي چار ٽنگون ٿين، جن مان اڳيون ٻہ ٽَنگون، پٺين ٽنگن کان ننڍيون ٿين ٿيون. چچيءَ جي ڳچي ننڍي ٿئي ٿي، جيڪا سندس منهن ۽ ڌڙ کي ملائيندي آهي. هن کي هڪ ڊگهو پڇ بہ ٿئي. چچيءَ جي کل ڳنڍيل ڇلرن سان ڍڪيل ٿيندي آهي. چچي جڏهن کل بدلائيندي آهي تہ اُن جا ڇلر گڏوگڏ لھي ويندا آهن. چچي آنا ڏيندي آهي ۽ اُن جو رت گرميءَ جي پد ۽ ماحول موجب بدلبو رهي ٿو.
چچيءَ جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن. جھڙوڪ: (1) جهنگلي چچي يا سانڊو. سانڊا جسامت ۾ وڏا ٿين ٿا، جن جي پڇ جا ڇلر ڪنڊن وارا ٿين. سانڊا جهنگن ۽ باغن اندر زمين ۾ ٻِر ٺاهي رهندا آهن. جيت ۽ گل کائيندا آهن. هنن جو ٻيو مشھور قسم ’ورامس‘ آهي، جيڪو سنڌ ۾ ’سانڊو‘ سڏبو آهي. هي پنهنجو رنگ بدلائيندا آهن. زمين تي زمين جهڙو رنگ اختيار ڪندا آهن. هنن جي رنگ بدلجڻ جو ڪارڻ سندن جسم ۾ متحرڪ رنگين ڳوٿرين جو هئڻ آهي، جن کي ’ڪروميٽو فورس‘ چئبو آهي. (2) گرگٽ: هي هيڊي ڀوري رنگ جون چچيون آهن ۽ سانڊو سڏجن. (3) پٽن واريون چچيون: هي سائي رنگ جون ٿينديون آهن.
(4) اُڏامندڙ چچي (ڪرڙي): هيءَ چچيون گهڻو ڪري گهاٽن جهنگلن ۾ نظر اينديون آهن. هنن جي ڌڙ جي پاسي ۾ هڪ جهلي ٿيندي آهي، جيڪا ڌڙ کي اڳين ٽنگن ۽ پوين ڄنگهن سان ڳنڍيندي آهي، ۽ هن جهليءَ جي مدد سان هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين اڏامي سگهندي آهي.