
چِکيا
چِکيا: چـکيـا، مـچ يا ڏاگهه، اهـڙي هـنـڌ کي چـئبو آهي، جـتي هندو، پرلوڪ پڌاري ويندڙ ماڻهوءَ جو اگني سنسڪار ڪندا آهن. هندن ۾ مڙدي کي ساڙڻ واري عمل کي چِکيا چاڙهڻ چيو ويندو آهي. چکيا ٻن طرحن جي ٿيندي آهي. هڪ جڏهن ڪا عورت سَتِي ٿيندي آهي، تہ ان لاءِ باھہ جو آڙاھہ تيار ڪيو ويندو آهي، ٻيو عام مڙدي کي ساڙڻ لاءِ جيڪو مچ تيار ڪيو وڃي، ان کي بہ چکيا چوندا آهن. هي عمل هندن ۾ آڳاٽي وقت کان دهرائبو پيو اچي.
مڙدي کي چکيا چاڙهڻ لاءِ پهرين مساڻن ۾ زمين تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي مڙدي کي زمين تي رکندا آهن. چکيا واري جڳھہ تي ڪاٺيون رکي، انهن مٿان مڙدي کي سمهاري، چکيا کان ٿورو پرڀرو ٻي باھہ ٻاريندا آهن، جنهن مان چار ڄڻا جدا جدا هڪ هڪ ڏونگهيءَ کي ڪاٺيءَ ۾ ٽنبي، باھہ ڏئي انهن ڏونگهين سان ڪاٺين کي چئن پاسن کان باھہ ڏيندا آهن. ان عمل کي ’لانپوئا ڏيڻ‘ چئبو آهي. مڙدو اڌ سڙڻ تي هوندو آهي، تہ وري مڙدي تي گيھہ وجهندا آهن. اهڙيءَ ريت مُڙدي جو پورو جسم سڙي خاڪ ٿي وڃڻ تائين بار بار گيھہ وجهندا رهندا.
چکيا چڙهيل مڙدي جي خاڪ کي ڪنهن ڪپڙي ۾ ٻَڌي، تيرٿ آسٿان ۾ تاريندا آهن، جنهن کي ’ڦُل تارڻ‘ يا ’رک پرواھہ‘ ڪرڻ چوندا آهن. هندستان ۾ مڙدي جي رک کي گنگا نديءَ ۾ تاريو ويندو آهي، جڏهن تہ سنڌ ۾ سنڌو درياھہ، هنگلاج ۽ ساڙڌري جي مرگهي ڪُن (ننگرپارڪر) ۾ تاريندا ڪندا آهن. ان عمل کي ’تارڻو‘ بہ چئبو آهي. چکيا جو هي نمونو سڄيءَ دنيا جي هندن ۾ رائج آهي، جڏهن تہ سنڌ اندر مينگهواڙ، باگڙي ۽ هندن جون ٻيون ذاتيون مسلمانن وانگر مڙدن کي ساميون ٺاهي پورين ٿا. سنڌ جي لوڪ عشقيہ داستان ’مومل راڻي‘ متعلق مشھور آهي تہ راڻي جي رسامي تان مومل پنهنجو پاڻ کي چکيا (ڏاگهہ) تي چاڙهي ماريو هو.