چِکيا

چِکيا

چِکيا

چِکيا: چـکيـا، مـچ يا ڏاگھه، اهـڙي هـنـڌ کي چـئبو آهي، جـتي هندو، پرلوڪ پڌاري ويندڙ ماڻهوءَ جو اگني سنسڪار ڪندا آهن. هندن ۾ مڙدي کي ساڙڻ واري عمل کي چِکيا چاڙهڻ چيو ويندو آهي. چکيا ٻن طرحن جي ٿيندي آهي. هڪ جڏهن ڪا عورت سَتِي ٿيندي آهي، ته ان لاءِ باهه جو آڙاهه تيار ڪيو ويندو آهي، ٻيو عام مڙدي کي ساڙڻ لاءِ جيڪو مچ تيار ڪيو وڃي، ان کي به چکيا چوندا آهن. هي عمل هندن ۾ آڳاٽي وقت کان دهرائبو پيو اچي.
مڙدي کي چکيا چاڙهڻ لاءِ پهرين مساڻن ۾ زمين تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي مڙدي کي زمين تي رکندا آهن. چکيا واري جڳهه تي ڪاٺيون رکي، انهن مٿان مڙدي کي سمهاري، چکيا کان ٿورو پرڀرو ٻي باهه ٻاريندا آهن، جنهن مان چار ڄڻا جدا جدا هڪ هڪ ڏونگهيءَ کي ڪاٺيءَ ۾ ٽنبي، باهه ڏئي انهن ڏونگهين سان ڪاٺين کي چئن پاسن کان باهه ڏيندا آهن. ان عمل کي ’لانپوئا ڏيڻ‘ چئبو آهي. مڙدو اڌ سڙڻ تي هوندو آهي، ته وري مڙدي تي گيهه وجهندا آهن. اهڙيءَ ريت مُڙدي جو پورو جسم سڙي خاڪ ٿي وڃڻ تائين بار بار گيهه وجهندا رهندا.
چکيا چڙهيل مڙدي جي خاڪ کي ڪنهن ڪپڙي ۾ ٻَڌي، تيرٿ آسٿان ۾ تاريندا آهن، جنهن کي ’ڦُل تارڻ‘ يا ’رک پرواهه‘ ڪرڻ چوندا آهن. هندستان ۾ مڙدي جي رک کي گنگا نديءَ ۾ تاريو ويندو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ سنڌو درياهه، هنگلاج ۽ ساڙڌري جي مرگهي ڪُن (ننگرپارڪر) ۾ تاريندا ڪندا آهن. ان عمل کي ’تارڻو‘ به چئبو آهي. چکيا جو هي نمونو سڄيءَ دنيا جي هندن ۾ رائج آهي، جڏهن ته سنڌ اندر مينگهواڙ، باگڙي ۽ هندن جون ٻيون ذاتيون مسلمانن وانگر مڙدن کي ساميون ٺاهي پورين ٿا. سنڌ جي لوڪ عشقيه داستان ’مومل راڻي‘ متعلق مشهور آهي ته راڻي جي رسامي تان مومل پنهنجو پاڻ کي چکيا (ڏاگهه) تي چاڙهي ماريو هو.


لفظ چِکياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو