چِکَ: چک دروازي يا دريءَ کي مٽيءَ ۽ هوا ۽ ٻاهرين نظر کان بچائڻ لاءِ سر جي تيلين مان ٺهيل هڪ قسم جو پردو ٿيندو آهي. چکون مختلف قسمن ۽ ڊزائين جون ٿينديون آهن، اُنهن جي تر ۾ ڪپڙو بہ لڳايو ويندو آهي. اڄڪلھہ پردن جي جاءِ تي چکون استعمال ڪرڻ جو بہ رواج آهي ۽ ريسٽورنٽن توڙي گهرن ۾ شوقين ماڻهو چوڪڙين ۽ ڊزائين واريون چکون ڪم آڻين ٿا. سنڌ ۾ اهي چکون گهوٽڪي، سکر توڙي حيدرآباد ضلعي ۾ ڪاريگر ٺاهين ٿا. حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان ٻاهران فوٽ پاٿ تي چکون ٺاهيندڙ ڪاريگر ڪٽنب سميت ان ڪِرت ۾ مشغول آهن. جن نت نيون ڊزائنون متعارف ڪرائي هن صنعت کي زندہ رکيو آهي.