چِڪَ/ چِڪَڻ

چِڪَ/ چِڪَڻ: هڪ قسم جي گپ، جيڪا چيڪي مٽيءَ واري زمين ۾ ٿيندي آهي. جيڪڏهن گهڻي ۽ اونهي چِڪ هوندي تہ ان ۾ ڌٻڻ ٿي پوندي آهي. جنهن کي ’چور گپ‘ بہ چوندا آهن. چڪڻ يا چِڪَ تي پير کُپي نہ سگهندو آهي ۽ ترڪڻ سبب ماڻهو ترڪي پوندو آهي. ’چڪ‘ لفظ شاھہ لطيف بہ شاعريءَ ۾ ڳاتو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو