چٺا محمد حسين

چٺا، محمد حسين: مشھور سياسي اڳواڻ محمد حسين چٺا جو جنم 1914ع ڌاري شيخوپوره، پنجاب ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شيخوپوره مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان 1936ع ۾ بي. اي ۽ لا ڪاليج لاهور مان 1939ع ۾ قانون جي سند حاصل ڪيائين. سياسي زندگيءَ جي شروعات هن شاگرديءَ دوران 1936ع ۾ لکنوءَ ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪئي. 1946ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. گڏوگڏ مسلم ليگ اسيمبليءَ پارٽي جو سيڪريٽري بہ ٿيو. 1951ع ۾ ٻيهر پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1962ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. 1965ع واري قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي نہ سگهيو. 1970ع ۾ ڪائونسل مسلم ليگ ۽ پوءِ مارچ 1977ع ۾ پاڪستان قومي اتحاد جي ٽڪٽ تي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ حصو ورتائين، پر ناڪام ٿيو. 28 نومبر 1978ع ۾ جڏهن پيرپاڳاري جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ اتفاق راءِ سان منظور ٿي تہ کيس پاڪستان مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو، پر اڳتي هلي ان عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.11.28  عيسوي

28 نومبر 1978ع ۾ جڏهن پيرپاڳاري جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ اتفاق راءِ سان منظور ٿي ته کيس پاڪستان مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو، پر اڳتي هلي ان عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امين فقير مڱريو
تولارام ڪنعيا لال رهيجا
عبدالرزاق گهانگهرو ڊاڪٽر
خان عبدالولي خان
لطف پيرزادو
خليل بن بصري
سراج الدين شاھہ
علي مراد ٽانوري
پير نظام الدين سرهندي
ڀاوناڻي موهن ديارام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون