
چٽوڙيءَ جو مقام
چٽوڙيءَ جو مقام: هي مقام ميرپورخاص شھر جي اتر ۾ ديھہ 124 ۾ تقريباً 12 ايڪڙن تي ڦهليل آهي. هيءَ مقام ميرپورخاص جي ٽالپر حاڪمن جو خانداني قبرستان آهي، جنهن ۾ سڀ کان پهرين مير مسو خان کي سندس وصيت موجب دفن ڪيو ويو هو. هڪ روايت آهي تہ ’ڏيئو فقير ڪنجواڻي، پير نور شاھہ قريشي ۽ مير مسو خان هڪ دفعي شڪار تي نڪتا ۽ چٽوڙيءَ جي ميدان تي اچي آرام ڪيائون ۽ چيائون تہ هيءُ ميدان ڇٽل آهي، انهيءَ ڪري ٽنهي واعدو ڪيو تہ هت پنهنجو قبرستان قائم ڪنداسون. آخر ٽنهي ڄڻن کي هن ئي جڳھہ تي دفن ڪيو ويو. ان کان پوءِ آهستي آهستي هيءُ هڪ وڏو قبرستان ٺھي ويو. هن وقت هيءُ قبرستان پنجٽيهن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ قديم آثارن واري کاتي جي سنڀال هيٺ آهن.
هي ميرپورخاص جي حاڪم ميرن جو خانداني قبرستان آهي، جنهن ۾ پهرين مير مسو خان سندس وصيت موجب دفن ڪيو ويو. هن وقت گهاڙين کان سواءِ هن قبرستان ۾ ڪل 13 مقبرا بيٺل آهن، جيڪي سڀ جا سڀ خستہ حال آهن. مقام مرڪزي قديم آثارن واري کاتي جي حوالي رهيو، جنهن هن ماڳ تي ڪو بہ ڪم نہ ڪرايو. هن وقت ٻين ماڳن سان گڏجي قبرستان بہ سنڌ جي ڪلچر اينڊ اينٽيڪيوٽي کاتي حوالي آهي. هن ۾ هيٺين ميرن جا مقبرا بيٺل آهن:
(1) مير خان ولد مير ڪرم علي خان ٽالپر، (2) پڪ سرو مقبرو عرضي کوکر، (3) مير جادي خان جو مقبرو، (4) مير مراد خان جو مقبرو، (5) مير راڄي خان جو مقبرو، (6) پڪسرو مقبرو شھيد ڪپري، (7) مير موسيٰ خان جو مقبرو، (8) اڻ ڄاتو مقبرو اتر اولھہ طرف (نمبر 7)، (9) پٿرائون قبو اولھہ طرف (نمبر 8)، (10) پٿرائون قبو اولھہ طرف (نمبر 9)، (11) مير فتح خان ۽ مير مرزا خان جو مقبرو، (12) ميرن جا حرم، (13) مسجد ۽ مقبري جا کنڊر.
مقبرن تي ڪاشيءَ جو سھڻو ڪم ٿيل آهي. قبرون گهڻو ڪري اُڪير واريون پٿر جون آهن.