چٽڪي اطفال

چٽڪي اطفال: هي هڪ قسم جي يوناني دوا آهي، جيڪا مختلف وکرن: صندل/ ڳاڙهي صندل، ڪارن مرچن، طباشير، نرچڪور چوڙ، لاهوري لوڻ، ڪاري لوڻ، ڦودني، اڇي جيري، سونفن، ڦوٽن، اڇي لوڻ وغيرہ کي پيهين سنهي ڪپڙي ۾ ڇاڻي تيار ڪئي وڃي ٿي. حڪيمن موجب هيءَ دوا ٻارن جي بيمارين جھڙوڪ: مرگهي، ڏيٺاري، کنگهہ، دستن، پيٽ جي سور، بدهضمي ۽ پيٽ جي ڀرتيءَ لاءِ نهايت مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو