چٽگانگ

چٽگانگ

چٽگانگ

چٽگانگ: چٽگانگ، بنگلاديش جو ضلعو ۽ ڊويزن آهي. چٽگانگ شھر ۾ ساڳئي نالي سان سوين سال قديم بندرگاھہ بہ آهي، جتي عيسائي جهازران پنهنجا جھاز مال سميت آڻيندا هئا. اتان مختلف ملڪن ڏانهن ٻيڙن ذريعي واپار جو سامان نيو ويندو هو. ڏکڻ ايشيا اندر مسلمان پهريون ڀيرو ڏهين صدي هجريءَ ۾ هن بندر کان واقف ٿيا. هيءُ نهايت عمدو بندرگاھہ آهي. 1552ع ۾ چٽگانگ بنگال جو هڪ خوشحال علائقو هو. مسلمانن چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ چٽگانگ تي قبضو ڪيو. 1666ع ۾ بنگال جي نواب شائسته خان چٽگانگ کي فتح ڪري پنھنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ ان جو نالو اسلام آباد رکيو. مير قاسم 1760ع ۾ غداري ڪري، هي علائقو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ڏئي ڇڏيو. چٽگانگ ڪرنافلي نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي. سرسبز جبل، درياھہ، سمنڊ ۽ سرسبز ميدانن هن علائقي کي بي پناھہ حسن ۽ دلڪشي عطا ڪئي آهي. وڏن وڏن جبلن تي سوين گهر تعمير ڪيا ويا آهن. هن علائقي جي آبهوا صحت بخش آهي. هتي چار مهينا گرمي، چار مهينا سردي ۽ باقي چار مهينا مينهن جي موسم هوندي آهي. هتي چانھہ جا ڪافي باغ موجود آهن. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ڪلڪتي مان ڪافي مسلمان تاجر هتي اچي آباد ٿيا، جنهنڪري هن بندرگاھہ کي ڪافي ترقي ملي ۽ هتي نوان نوان ڪارخانا قائم ٿيا.
9 ھہ/ 630ع ۾ هڪ چيني سياح هيون سانگ هتي آيو هو، جنهن هن شھر بابت لکيو آهي تہ: ”چانگام جو اهو علائقو، جيڪو خوبصورت ندين ۽ حسين پهاڙن جو علائقو آهي، هڪ سؤ کان ٻہ سؤ چورس ميلن تي محيط آهي. هي انسان جي سچي خوشين ۽ روحاني لذتن جي آماجگاھہ آهي“. عرب جي نامور سياح ادريسيءَ پنھنجي ڊائريءَ ۾ ڪرنافليءَ جي عنوان سان لکيو آهي تہ: هتي هڪ وڏو شھر آهي، جيڪو خوبصورت پهاڙن، درياهن ۽ ٻيٽن جي آغوش ۾ هر جاندار شيءَ کي پيغام حيات ڏئي ٿو. هن 694 ھہ/1345ع- 748ھہ/ 1347ع ۾ جاوا رستي چٽگانگ کان چين تائين سفر ڪيو، هو بنگال جي قدرتي حسن کان گهڻو متاثر هو. هو لکي ٿو تہ: ”هتي سڄيءَ دنيا کان شيون سستيون آهن. هتي جا ماڻهو خوشحال زندگي بسر ڪن ٿا. هتي هندو ۽ مسلمان گڏوگڏ آباد آهن. هن بندرگاھہ تي ملاح وڏي تعداد ۾ ٻيڙيون هلائي پنهنجو گذرسفر ڪن ٿا، جيڪي شريف ۽ ديندار آهن“. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ عرب هتي آيا تہ هن علائقي جي دلفريبيءَ کان متاثر ٿي هتي ئي آباد ٿي ويا. هي بنگال مان مختلف شيون پنھنجي ملڪ موڪليندا هئا. 922ھہ/1516ع ۾ هتي پورچوگيز آيا ۽ هتي تجارتي ڪوٺيون قائم ڪيون. هنن چٽگانگ جي موجودہ بندرگاھہ جو نالو ’وڏو بندرگاھہ‘ رکيو. عربن جي اچڻ کان اڳ چٽگانگ هڪ معمولي بندرگاھہ هو، جنهن کي ”تام لوڪ“ سڏيو ويندو هو. عرب هن علائقي کي ردهم چوندا هئا. چٽگانگ جون وڏيون عمارتو، دفتر ۽ تفريح گاهون پهاڙن تي آهن. شھر کان ڪجهہ مفاصلي تي حضرت بايزيد بسطاميءَ جي بيٺڪ، حضرت شيخ فريد شڪر گنج جو چشمو، بدرالدين شاھہ ۽ امانت شاھہ جون مزارون آهن. شھر جي پهاڙين تي ريلوي هيڊڪواٽر، عام اسپتالون ۽ فوجي ڇانوڻيون اڏيل آهن. چٽگانگ بنگلاديش جو اهم تجارتي مرڪز آهي. هتي ڪيترائي ڪارخانا، ٽيڪسٽائيل ملون، آئل ملون موجود آهن. ڪرنافلي نديءَ تي بند ٻَڌي بجلي پيدا ڪئي وئي آهي، جيڪا گهريلو استعمال ۽ ڪارخانا هلائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. چٽگانگ ۾ ٿوري عرصي ۾ ڪيترا مسلمان بزرگ اچي آباد ٿيا. چٽگانگ ڊويزن بنگلاديش جي پنجن اڀرندن ضلعن تي مشتمل آهي. هتي گهڻو ڪري آمدرفت ندين/ درياهن ۾ ٻيڙين جي ذريعي ٿيندي آهي. هن علائقي جي ٻيلن ۾ ڪيترن قسمن جون قيمتي ڪاٺيون ٿين ٿيون.
هن علائقي ۾ هڪ ٻولي چٽگانگي پڻ ڳالهائي ويندي آهي. هيءَ ٻولي هند، يورپي، هند، ايراني هند، آريائين اڀرندي خطي جي بنگالي ٻولين جي خاندان مان آهي، جيڪا اڀرندي چٽگانگ ۾ مذهبي هدايتن لاءِ رڳو مسجدن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هيءَ ٻوليءَ ڳالهائيندڙ عورتون بنگالي ٻولي نہ سمجهنديون آهن. هن ٻوليءَ جو روهنگا لهجو آهي جنهن کي بنگالي نٿو چئي سگهجي ۽ اهو لهجو برما ۾ ڳالهايو وڃي ٿو.


لفظ چٽگانگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو