چٽگانگ
چٽگانگ: چٽگانگ، بنگلاديش جو ضلعو ۽ ڊويزن آهي. چٽگانگ شهر ۾ ساڳئي نالي سان سوين سال قديم بندرگاهه به آهي، جتي عيسائي جهازران پنهنجا جهاز مال سميت آڻيندا هئا. اتان مختلف ملڪن ڏانهن ٻيڙن ذريعي واپار جو سامان نيو ويندو هو. ڏکڻ ايشيا اندر مسلمان پهريون ڀيرو ڏهين صدي هجريءَ ۾ هن بندر کان واقف ٿيا. هيءُ نهايت عمدو بندرگاهه آهي. 1552ع ۾ چٽگانگ بنگال جو هڪ خوشحال علائقو هو. مسلمانن چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ چٽگانگ تي قبضو ڪيو. 1666ع ۾ بنگال جي نواب شائسته خان چٽگانگ کي فتح ڪري پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ ان جو نالو اسلام آباد رکيو. مير قاسم 1760ع ۾ غداري ڪري، هي علائقو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ڏئي ڇڏيو. چٽگانگ ڪرنافلي نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي. سرسبز جبل، درياهه، سمنڊ ۽ سرسبز ميدانن هن علائقي کي بي پناهه حسن ۽ دلڪشي عطا ڪئي آهي. وڏن وڏن جبلن تي سوين گهر تعمير ڪيا ويا آهن. هن علائقي جي آبهوا صحت بخش آهي. هتي چار مهينا گرمي، چار مهينا سردي ۽ باقي چار مهينا مينهن جي موسم هوندي آهي. هتي چانهه جا ڪافي باغ موجود آهن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪلڪتي مان ڪافي مسلمان تاجر هتي اچي آباد ٿيا، جنهنڪري هن بندرگاهه کي ڪافي ترقي ملي ۽ هتي نوان نوان ڪارخانا قائم ٿيا.
9 هه/ 630ع ۾ هڪ چيني سياح هيون سانگ هتي آيو هو، جنهن هن شهر بابت لکيو آهي ته: ”چانگام جو اهو علائقو، جيڪو خوبصورت ندين ۽ حسين پهاڙن جو علائقو آهي، هڪ سؤ کان ٻه سؤ چورس ميلن تي محيط آهي. هي انسان جي سچي خوشين ۽ روحاني لذتن جي آماجگاهه آهي“. عرب جي نامور سياح ادريسيءَ پنهنجي ڊائريءَ ۾ ڪرنافليءَ جي عنوان سان لکيو آهي ته: هتي هڪ وڏو شهر آهي، جيڪو خوبصورت پهاڙن، درياهن ۽ ٻيٽن جي آغوش ۾ هر جاندار شيءَ کي پيغام حيات ڏئي ٿو. هن 694 هه/1345ع- 748هه/ 1347ع ۾ جاوا رستي چٽگانگ کان چين تائين سفر ڪيو، هو بنگال جي قدرتي حسن کان گهڻو متاثر هو. هو لکي ٿو ته: ”هتي سڄيءَ دنيا کان شيون سستيون آهن. هتي جا ماڻهو خوشحال زندگي بسر ڪن ٿا. هتي هندو ۽ مسلمان گڏوگڏ آباد آهن. هن بندرگاهه تي ملاح وڏي تعداد ۾ ٻيڙيون هلائي پنهنجو گذرسفر ڪن ٿا، جيڪي شريف ۽ ديندار آهن“. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ عرب هتي آيا ته هن علائقي جي دلفريبيءَ کان متاثر ٿي هتي ئي آباد ٿي ويا. هي بنگال مان مختلف شيون پنهنجي ملڪ موڪليندا هئا. 922هه/1516ع ۾ هتي پورچوگيز آيا ۽ هتي تجارتي ڪوٺيون قائم ڪيون. هنن چٽگانگ جي موجوده بندرگاهه جو نالو ’وڏو بندرگاهه‘ رکيو. عربن جي اچڻ کان اڳ چٽگانگ هڪ معمولي بندرگاهه هو، جنهن کي ”تام لوڪ“ سڏيو ويندو هو. عرب هن علائقي کي ردهم چوندا هئا. چٽگانگ جون وڏيون عمارتو، دفتر ۽ تفريح گاهون پهاڙن تي آهن. شهر کان ڪجهه مفاصلي تي حضرت بايزيد بسطاميءَ جي بيٺڪ، حضرت شيخ فريد شڪر گنج جو چشمو، بدرالدين شاهه ۽ امانت شاهه جون مزارون آهن. شهر جي پهاڙين تي ريلوي هيڊڪواٽر، عام اسپتالون ۽ فوجي ڇانوڻيون اڏيل آهن. چٽگانگ بنگلاديش جو اهم تجارتي مرڪز آهي. هتي ڪيترائي ڪارخانا، ٽيڪسٽائيل ملون، آئل ملون موجود آهن. ڪرنافلي نديءَ تي بند ٻَڌي بجلي پيدا ڪئي وئي آهي، جيڪا گهريلو استعمال ۽ ڪارخانا هلائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. چٽگانگ ۾ ٿوري عرصي ۾ ڪيترا مسلمان بزرگ اچي آباد ٿيا. چٽگانگ ڊويزن بنگلاديش جي پنجن اڀرندن ضلعن تي مشتمل آهي. هتي گهڻو ڪري آمدرفت ندين/ درياهن ۾ ٻيڙين جي ذريعي ٿيندي آهي. هن علائقي جي ٻيلن ۾ ڪيترن قسمن جون قيمتي ڪاٺيون ٿين ٿيون.
هن علائقي ۾ هڪ ٻولي چٽگانگي پڻ ڳالهائي ويندي آهي. هيءَ ٻولي هند، يورپي، هند، ايراني هند، آريائين اڀرندي خطي جي بنگالي ٻولين جي خاندان مان آهي، جيڪا اڀرندي چٽگانگ ۾ مذهبي هدايتن لاءِ رڳو مسجدن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هيءَ ٻوليءَ ڳالهائيندڙ عورتون بنگالي ٻولي نه سمجهنديون آهن. هن ٻوليءَ جو روهنگا لهجو آهي جنهن کي بنگالي نٿو چئي سگهجي ۽ اهو لهجو برما ۾ ڳالهايو وڃي ٿو.