
فتح نامه سنڌ چچ نامه

فتح نامه سنڌ چچ نامو

فتح نامه سنڌ چچ نامو

فتح نامه سنڌ چچ نامو

فتح نامه سنڌ چچ نامو
چچ نامہ/ چچ نامو (فتح نامہ سنڌ: ڪتاب): اسلامي دؤر ۾ ننڍي کنڊ ۾ تاريخ بابت لکيل هي پهريون ڪتاب آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اندازو آهي تہ اصل عربي ڪتاب 225ھہ/ 840ع کان 400 ھہ/ 1009ع واري عرصي ۾ تاليف ٿيو ۽ علي ڪوفي 613ھہ/ 1216ع ۾ ان جو فارسي ترجمو ڪيو. ڪتاب جي مصنف بابت ڪجهہ بہ معلوم ڪونهي. البت ڪتاب جي عربي نالي بابت ٻہ روايتون آهن: هڪ موجب ان جو نالو منهاج الدين و الملک ۽ ٻي راويت موجب هن تاريخي ڪتاب جو نالو تاريخ منهاج المسالڪ آهي. علي بن حامد ڪوفي مغربي ۽ وچ ايشيا ۾ انتشار جي ڪري پنهنجو اصل ملڪ ڇڏي اچ شريف پهتو. ان وقت هتي ناصرالدين قباچه (602 – 625 ھہ) جي حڪومت هئي. علي ڪوفي عربي ۽ فارسي ٻولين جو اڪابر هو. هي اچ جي درٻار ۾ قباچه جي وزير شرف الملڪ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ عين الملڪ جو پڻ وزير ٿيو، جنهن سان بہ علي بن حامد جا سٺا تعلق برقرار رهيا. ليڪن بعد ۾ ٻنهي ۾ دوري پيدا ٿي. ان ڪري علي ڪوفي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ جي رٿا ڪئي تہ جيئن وزير عين الملڪ کي وري راضي ڪري وٺي. ان پسمنظر ۾ علي ڪوفي، اچ کي ڇڏي، سنڌ جي قديم دارالحڪومت اروڙ ۾ آيو، جتي سندس ملاقات قاضي اسماعيل سان ٿي. قاضي صاحب هن کي عربيءَ ۾ لکيل هڪ تاريخي ڪتاب ڏيکاريو. علي بن حامد ڪوفيءَ ان ڪتاب جو 613ھہ/1216ع ۾ فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيو. عالمن جو خيال آهي تہ مترجم علي ڪوفيءَ پنھنجي پاران ڪتاب ۾ واڌارا ڪيا، ۽ اصل مصنف توڙي ڪتاب جو نالو گم ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي راءِ آهي تہ ڪتاب جو نالو ’فتح نامہ سنڌ‘ هو، پر فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ کانپوءِ ان جو نالو ’چچ نامہ‘ ٿي ويو. ڇو تہ ڪتاب ۾ راجا چچ جو گهڻو احوال ملي ٿو. علمي دنيا ۾ عربيءَ بجاءِ علي ڪوفيءَ جو فارسي ترجمو موجود رهيو. جيئن تہ هند ۽ سنڌ جي متعلق هي پهريون تاريخي ۽ تحريري دستاويز آهي، ان ڪري ننڍي کنڊ جي باري ۾ هن ڪتاب تاريخي مطالعن ۾ وڏي مدد ڪئي آهي. سنڌ متعلق تہ هن ڪتاب جي تمام گهڻي اهميت آهي. سنڌ جي عرب فتح (712ع) کان اڳ ملڪ جي مذهبي، سياسي ۽ سماجي حالتن بابت ڪتاب ۾ مفيد معلومات موجود آهي. راءِ خاندان، برهمڻ خاندان ۽ پوءِ عرب فتوحات بابت هي هڪ مفصل دستاويز آهي. هي ڪتاب نہ هجي ها تہ اڄ اسين اسلام کان اڳ واري سنڌ بابت گهڻي ڄاڻ ۽ معلومات کان قاصر رهجي وڃون ها. بعد ۾ فارسي زبان ۾ وڏي تعداد ۾ تاريخون لکجڻ ۾ آيون. ان ۾ ’چچ نامہ‘ ۽ ان جي مترجم جو اهم ڪردار آهي. سمن جي شروع واري دؤر ۾ ملتان جي وائسراءِ عين الملڪ ماهرو، جاحط ’انشاء ماهرو‘ نالي سان پنجاب يونيورسٽي لاهور 1965ع ۾ ڇپيا آهن. ماهروءَ پنهنجن خطن ۾ ’چچ نامہ‘ مان ٽڪرا ڏنا آهن. پوءِ جي دؤر ۾ بہ هندي مؤرخن: طبقات اڪبري (1002ھہ)، تاريخ فرشته (1015ھہ)، زبدة التواريخ (1025ھہ) ۽ تاريخ مفضلي (1131ھہ)، پڻ پنهنجا ڪتاب لکندي ’فتح نامہ سنڌ‘ يا ’چچ نامہ‘ کان مدد ورتي آهي. اسلامي دؤر ۾ سنڌ جي تاريخ بابت ڪم ڪندي، ڪنهن بہ لکندڙ هن ڪتاب کي نظر انداز نہ ڪيو آهي. تاريخ معصومي (1009ھہ)، بيگلار نامہ 1017ھہ)، تحفة الڪرام (1181ھہ) ۽ لب تاريخ سنڌ (1318ھہ) جهڙن اهم تاريخي ڪتابن جو ’چچ نامہ‘ هڪ اهم ذريعو رهيو آهي. انگريزن سنڌ کي 1843ع ۾ فتح ڪيو، تڏهن علمي ۽ ادبي توڙي سياسي ۽ سماجي نظام ۾ وڏي تبديلي آئي. فارسيءَ بجاءِ سنڌيءَ ۽ انگريزي ٻوليءَ علم ۽ تعليم يا دفترن ۾ جاءِ والاري. ان ڪري فارسي زبان ۾ ڪتابن لکڻ جو دؤر پورو ٿيو. ان پس منظر ۾ چچ نامہ‘ جي مطالعي جو نئون دؤر شروع ٿيو. ايلفنسٽن پهريون ڀيرو ’هسٽري آف انڊيا‘ ۾ ’چچ نامہ‘ کان مدد ورتي ۽ ان جو نالو ’تاريخ هند و سنڌ‘ تجويز ڪيو. (پنجون ڇاپو، لنڊن: 1866ع). ٽي پسٽنس 1838ع کان 1841ع تائين هڪ انگريزي رسالي ۾ ’چچ نامہ‘ جو مختصر مگر ناقص ترجمو شايع ڪرايو. سال 1867ع ۾ ايليٽ هند بابت پنھنجي اٺن جلدن واري ڪتاب جي پهرئين جلد ۾، سنڌ جي هن ابتدائي تاريخي ڪتاب جا ڪي حصا انگريزي ترجمي جي صورت ۾ ڇپرايا. ان بعد سنڌ جي نامور اديب مرزا قليچ بيگ، هن ڪتاب جو انگريزي زبان ۾ مڪمل ترجمو تيار ڪيو. هي ترجمو ‘The Chachnama’ نالي سان ڪمشنر پريس، ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. مرزا صاحب ڪتاب کي وڏي محنت سان ترجمي جي روپ ۾ آندو. مرزا صاحب جي ترجمي جي ڪري يورپ م قديم سنڌ جي تاريخ ۽ معاشري جي اڀياس ۾ وڏي مدد ملي. چون ٿا تہ ٽالپرن بہ هن تاريخي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ترجمو ڪرايو هو، جيڪو ڇپجي نہ سگهيو. هي نسخو محمد حنيف صديقي مرحوم جي ڪتبخاني ۾ موجود هو. مرزا قليچ بيگ ڪجهہ دوستن جي فرمائش تي ’چچ نامہ‘ جو ٻن حصن ۾، سنڌي ترجمو بہ ڪيو. پهريون حصو سال 1923ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن تہ ٻيو حصو اڄ تائين نہ ڇپيو آهي. مرزا صاحب جي انگريزي ترجمي تان، بھاولپور جي اردو اديب حفيظ الرحمان حفيظ ’چچ نامہ‘ جو اردو ترجمو تيار ڪيو، جيڪو ترجمو بھاولپور مان 1938ع ۾ ڇيپو. سنڌ جي هن ابتدائي تاريخي ڪتاب جي مطالعي ۽ کوجنا جو ٻيو دؤر 1939ع کان شروع ٿيو. سنڌ جي هڪ وڏي عالم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي 1939ع ۾ ’چچ نامہ‘ فارسي، وڏي محنت سان ايڊٽ ڪري حيدرآباد دکن مان ڇپرايو. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جو مقدمو توڙي حاشيا فارسي زبان ۾ لکيا. هي ايڊيشن ٻيهر تھران (ايران) مان 1384ھہ ۾ تمام سھڻي نموني سان ڇپيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي 1951ع ۾ نئين تشڪيل ٿي تہ اداري پنھنجي ابتدائي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جي ٽن بنيادي ڪتابن کي فارسيءَ مان سنڌي ۽ اردو ترجمن جي صورت ۾ ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو. هن ڏس ۾ ’چچ نامہ‘ کي بہ شامل ڪيو ويو. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي فارسي ايڊيشن کي ترجمن واري ڪم لاءِ متنخب ڪيو ويو. سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد مرحوم ڪيو. جڏهن تہ ترجمي جي نگراني، مقدمو ۽ حاشيا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيا. هي پهريون معياري سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ پاران پهريون ڀيرو 1954ع ۾ ڇپجي آيو. بعد ۾ ’چچ نامہ‘ جو اردو ترجمو اختر رضويءَ ڪيو، جو سنڌي ايڊيشن جو ٻيو روپ هو. اردو ترجمو پڻ ادبي بورڊ 1963ع ۾ شايع ڪيو (ان جو ٻيو ڇاپو 2002ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 2008ع ۾ شايع ٿيو آهي.) انهيءَ دوران وڏي ذهانت سان ڊاڪٽر دائود پوٽي جي پورهئي کي زائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اردو ۽ سنڌي ڇاپن تان ايڊيٽر طور ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جو نالو ئي گم ڪيو ويو. چچ نامہ تي ايتري تحقيق جي باوجود هڪ نئين فارسي ايڊيشن جي ضرورت محسوس ڪندي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪم جي رٿا ڪئي. پنجاب يونيورسٽي، ڪتب خاني ۾ 1061ھہ جي نقل ڪيل ’چچ نامہ‘ جو نسخو موجود هو. ان نسخي کي بنياد بنائي بلوچ صاحب ڪتاب جو نئون فارسي ايڊيشن تيار ڪيو. مقدمو ۽ حاشيا انگريزي زبان ۾ لکيا. هي ايڊيشن اسلام آباد مان 1983ع ۾ ڇپجي نروار ٿيو. بلوچ صاحب ڪتاب جي تاريخي اهميت جي پيش نظر ان جو عربي ترجمو پڻ تيار ڪرايو. عربي زبان ۾ هي ترجمو ’فتح السند‘ جي نالي سان دمشق (شام) مان 1991ع ۾ ڇپيو آهي. ’چچ نامہ‘ جي تاريخي اهميت کي شڪ جي نگاھہ سان بہ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن ڏس ۾ پيٽر هارڊيءَ هڪ ابتدائي ڪوشش ڪئي، جنهن جو مقالو ’سنڌ صدين کان‘ (مرتب: ممتاز مرزا، 1982ع) ڪتاب ۾ موجود آهي. ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر مبارڪ علي بہ هن تاريخي ڪتاب کي شڪ جي نظر سان ڏسي ٿو. ان کان سواءِ هندستان جي سنڌي اديبن سنڌ جي تاريخ جي هن پهرئين ماخذ تي پنهنجا تنقيدي رايا ڏنا آهن. ان ڏس ۾ گنگارام سمراٽ جو ڪتاب ’نئون چچ نامو- ڀَيَنڪر دوکو‘ (1991ع) ۽ گوبند خوشحالاڻيءَ جو ڪتاب Chachnamah Retold (2006ع) پڙهڻ جوڳا آهن. گوبند خوشحالاڻيءَ انگريزي ڪتاب جو سنڌي ڇاپو ’چچ نامو اڄ جي انداز ۾‘ پڻ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.